ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ لاءِ برطانوي ۽ نيدرلينڊ جي ماهرن جي رهنمائي ۽ ٽيڪنيڪل سهڪار جي ضرورت پوندي ته جيئن زرعي زمينون ٻيهر سرسبز ٿي سگهن، ڪالهه وزيراعلي هائوس ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر جي سربراهي ۾ وفد  سان ملاقات ۾ هن چيو ته جيڪڏهن زرعي زمينون پاڻي هيٺ رهيون ته انهن جي زرخيزي ختم ٿي ويندي. برطانوي ۽ نيدرلينڊ جا ماهر ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري انهن کي سرسبز بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ذريعي رهنمائي ڪن. هن چيو ته برساتن ۽ دريائي ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال لاءِ پلان تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته  اسان سڄي سنڌ ۾ قدرتي وهڪرن ۽ ڊرينيج سسٽم بحال ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ برطانوي حڪومت،  ڊونر ايجنسين جي ماهرن ۽ فني مدد جي ضرورت پوندي. هن چيو ته کيرٿر جبل جي پاڻي جو منڇر ڍنڍ۾ ڇوڙ کانسواءِ  ڪوبه رستو ناهي،  ساڳئي ريت ايل بي او ڊي ۽ اسپائنل ڊرين برساتن جو پاڻي  شڪور ڍنڍ يا سمنڊ تائين آسانيءَ سان منتقل نٿيون ڪري سگهن ان تي برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته اسانجي حڪومت متاثرن لاءِ 50 ڪنٽينرز موڪلي رهي آهي جنهن ۾ خيما، پلاسٽڪ جون چادرون ۽ ٻيو سامان موجود آهي، هن وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت هر ممڪن سهڪار ڪندي.