ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) صدين کان شاد آباد سنڌ مان ٻيلن جي خاتمي واري سازش حياتيات کي نقصان رسائڻ سان گڏ انسانيت جو وجود خطري ۾ ٿيڻ جو عالمي سطح تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ ٻيلا بچايو ڪاميٽي انڊس ڊوولپمينٽ آرگنائزيشن، سچائي تنظيم جي تعاون سان ڪوٺايل ٻيلا بچايو سيمينار کي خطاب ڪندي ليکڪ، ٻيلا بچايو ڪاميٽي جي سربراھه زين دائودپوٽو ڪيو. هن چيو ته ٻيلن کي آباد ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پاڻي جي اهم ضرورت ٿئي ٿي جنهن ۾ سنڌ جي اندر وري سنڌو درياءَ جي پاڻي واري ڌاڙي سان سنڌ جي اندر ختم ٿي ويل ٻيلن کي ٻيهر آباد ڪرڻ سنڌ جي لاءِ تمام وڏو چيلينج ثابت ٿيندو.