حيدرآباد (بيورو رپورٽ): سنڌ هاري ڪاميٽي پاران هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 53هين ورسي ملهائي وئي. ورسي جي تقريب باباءِ سنڌ گرائونڊ تي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جي موقعي تي مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ مان وڏيرڪي نظام جو خاتمو آڻي ڪنڌڪوٽ ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌي هاري ڪاميٽي جي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي فڪر تي متحد ٿيڻ سان ئي سنڌ خوشحال ٿي سگهندي. اصل سنڌ جي خوشحالي هارين ۽ پورهيت جي خوشحالي آهي. هن چيو ته سندن جماعت ڊجيٽل آدمشماري کي مڪمل طور رد ڪري ٿي. سندن مطالبو آهي ته سنڌ مان ڌارين کي فوري نيڪالي ڏني وڃي. هن اعلان ڪيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سندس جماعت پوري سنڌ ۾ چونڊون وڙهندي ۽ هو پاڻ صوبائي تڪ 66 تان چونڊ وڙهندو. جلد ئي سڄي سنڌ ۾ هاري ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون. پاڪستان جي نامياري قانوندان علي احمد ڪرد ٽيليفون ذريعي ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين ۽ پورهيتن لاءِ اتساهه جو نالو آهي. اڄ ملڪ ۾ جيڪا پورهيتن ۽ هارين جي ڳالهه هلي ٿي ان ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو فڪر شامل آهي. جلسي کي سنڌي هاري تحريڪ جي صدر دلدار لغاري، اي جي پي صدر سيد لال شاهه، وطن جمهوري پارٽي جي اڳواڻ گلشير شر، محسن جويو، منصور قادر جوڻيجو، اڳوڻي وائيس چانسلر ڀائي خان شر، ادريس بروهي، جنرل سيڪريٽري عالم زيب ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي عوامي سياست کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هارين ۽ پورهيتن کي تڏهن ئي حق حاصل ٿي سگهندا جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد جهڙي سگهاري هلچل هلائي ويندي. تقريب ۾ نامياري اديب ۽ دانشور گل حسن ڪلمتي ۽ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل تي هڪ منٽ جي خاموشي به اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي ٺهراءُ منظور ڪري مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ مان ڌاڙيلن جو خاتمو آڻي امن امان قائم ڪيو وڃي. برسات جي موسم کان اڳ اپاءُ وٺي ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. سنڌ ۾ بک، بيروزگاري ۽ غربت وڌي رهي آهي ۽ ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن ان ڪري سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي پنهنجا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري ته جيئن ماڻهن کي روزگار ملي سگهي. مختلف ٺهرائن ۾ سنڌ مان منشيات جي خاتمي، تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ، سنڌي مضمون نه پڙهائيندڙ اسڪولن جي رجسٽريشن ختم ڪرڻ، سنڌ ۾ ڌارين آبادي تي پابندي لڳائي سنڌ ۾ لڏي آيل ڌارين کي پرامن طريقي سان واپس ڏيهه موڪلڻ، نوجوانن لاءِ يوسي سطح تي هنري سينٽر قائم ڪرڻ، جاگيرداري نظام جي پاڙ پٽڻ، سرڪاري زمين سنڌ جي بي زمين هارين ۾ ورهائڻ، ڏوڪري زرعي ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏئي ان کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان منسوب ڪرڻ، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صنعتون لڳائي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي روزگار ڏيڻ، ننڍن کاتيدارن ۽ هارين کي جديد زرعي هنر جي سکيا ڏئي آمدني وڌائڻ، سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍُورن تان وڏيرن جو قبضو ختم ڪرائي ماهيگيرن لاءِ لائسنس جي نظام کي مضبوط ڪرڻ، ٺيڪيداري نظام جو خاتمو آڻڻ، سنڌ جي قدرتي وسيلن گئس، تيل ۽ ڪوئلي جي مالڪي سنڌ کي ڏيڻ، تيل جي رفائنري سنڌ ۾ قائم ڪرڻ، سنڌ طاس معاهدي مطابق سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي بنا روڪ رنڊڪ جي ڏيڻ، ريلوي ٽريڪ ڪوٽڙي کان دادو، لاڙڪاڻو، روهڙي ۽ ڪوئيٽا تائين ٻيهر بحال ڪرڻ‏ جا به مطالبا ڪيا ويا.