ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب وڏن خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، غربت جي خاتمي لاءِ جٽادار قدم نه کنيا ويا ته ڏڪار، ٻوڏ ۽ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ سبب اڻٽر واقعن جا امڪان موجود آهن. اها ڳالهه ورلڊ بينڪ ڏکڻ ايشيا جي ريجنل ڊائريڪٽر  (سسٽينبل ڊولپمينٽ )  جان اي روم  ڪالهه هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۽ اجلاس ۾ ڪئي هڪ پريزنٽيشن ذريعي هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ميڪرو مالياتي ڪمزورين، گهٽ ۽ غير مستحڪم ترقي جي شرح سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آهي. عالمي بينڪ جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ غربت جو مک سبب معاشي عدم استحڪام، پرڏيهي ناڻي جي آمد ۾ گهٽتائي، جي ڊي پي جو غير مستحڪم هجڻ آهن  اسٽرڪچرل معاملا، گردشي قرض، غير پيداواري سبسڊي جو نظام ۽ ناقص ٽيڪس اوڳاڙي مالي دٻاءُ انساني سيڙپ ، بنيادي انفرااسٽرڪچر ۽ خدمت ۾ محدود سيڙپڪاري ۾ واڌ ڪندا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هڪ سيڪڙو کان به گهٽ گرين هائوس گيس خارج ڪندڙ ملڪ آهي، انهي کي ماحول کي بهتر بڻائڻ جا موقعا موجود آهن. 2022ع واري موسمياتي تبديلي اڳ ۾ ئي ملڪ تي خراب اثر ڇڏياآ هن، ملڪ جو  هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڻي هيٺ آيو،1700 فوتگيون ٿيون ، جڏهن ته3 ڪروڙ 30 لک  ماڻهو متاثر ٿيا، هن وقت پاڪستان کي بحالي لاءِ 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. رپورٽ موجب 2022ع واري ٻوڏ پاڪستان  ۾ 2030ع تائين ايس ڊي گولز حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي، اٽڪل 84 کان 91 لک ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ هوندا، جڏهن ته 60 کان 70 لک ماڻهو مالي بحران سان متاثر ٿيندا. 76  لک ماڻهو غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، 17 ملين عورتن ۽ ٻارن کي  مختلف بيمارين جو خطرو آهي، اڳتي هلي 43 لک ماڻهن کي روزگار جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو،   640000 عورتون ۽ نياڻيون GBV ۽ ننڍي عمر جي شادين کي منهن ڏئي سگهن ٿيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جامع ۽ منظم بحالي سان عوام ۽ پاڪستان لاءِ پائيدار ترقي ٿيندي. اهڙن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مضبوط معيشت جي ضرورت هوندي، جيڪا موسمي تبديليءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ انساني، عبوري ۽ مالي خطرن جي اثرن کي محدود ڪري سگهي، سنڌ جي وڏي وزير پلاننگ  کاتي جي ٽيم کي هدايت ڪئي ته اها ورلڊ بينڪ جي رپورٽ ۽ سفارشن جو مطالعو ڪري، انهي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ پنهنجو ترقياتي پلان ترتيب ڏئي ته جيئن پائيدار ترقي ذريعي صوبي مان غربت جو خاتمو آڻي سگهجي.