ميرپورخاص(رپورٽر) ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته پنجاب، ڪي پي ڪي، اسلام آباد ۽ ٻين علائقن مان غير قانوني پرڏيهين کي تيزيءَ سان ملڪ کان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي، پر سنڌ ۾ خاص طور افغانين کي نه پيو ڪڍيو وڃي، ان ڪري اسان سماج جي مختلف ماڻهن سان ملي، ان معاملي تي آواز اٿاري رهيا آهيون. هن چيو ته هڪ ايجنڊا تحت 43 سالن کان افغانين کي هتي سنڌ ۾ آندو پيو وڃي، جن جو تعداد 40 لکن جي لڳ ڀڳ آهي، جيڪي انگ اکر حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ به جمع ڪرايا آهن ۽ اها ڊيٽا ايف آءِ اي وٽ به موجود آهي، آخر ڪهڙا سبب آهن جو سنڌ ۾ سگهارو آپريشن ڪري انهن ماڻهن کي نه پيو ڪڍيو وڃي. هن چيو ته اسان ڊسٽرڪٽ بار کي به گذارش ڪئي آهي ته اها ان ڏس ۾ قرار داد پاس ڪري ۽ غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ واري آپريشن کي روز جي بنياد تي چيڪ ڪري، هن چيو ته افغانستان هاڻ بهتر ۽ پرامن ٿي چڪو آهي، هتي رهندڙ افغانين جو حقيقي وطن به افغانستان ئي آهي، هن چيو ته 26 نومبر تائين سمورن غير قانونين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ اسان روڊن تي هونداسين. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر سڪندر ڪولاچي، جنرل سيڪريٽري غفار ناريجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.