ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران غيرقانوني پڪڙيل افغانين کي واپس ڏيهه اماڻڻ لاءِ بلوچستان سرڪار حوالي ڪرڻ جو فيصلو، سنڌ ۽ بلوچستان سرڪار پرڏيهين جي واپسي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪري ورتو، افغانين، بنگالي ۽ ٻين مُلڪن جي غيرقانوني ماڻهن کي رضاڪاراڻي طور واپس وڃڻ جي آڇ، رجسٽريشن ڪرائيندڙن کي واپسي جون سهوليتون ڏيڻ جو به اعلان ان حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان جي نگران گھرو وزيرن برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ جان اچڪزئي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته غيرقانوني پرڏيهين کي باعزت نموني پنهنجي ڏيهه موڪليو ويندو، اسان پنهنجي ملڪ جي حالتن ۽ معيشت کي نظر ۾ رکي پرڏيهين کي پنهنجي ڏيهه موڪلي رهيا آهيون. انهي معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ غلط آهي، سڀني کي رياستي ادارن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.هنن چيو ته اسان سموري ڊيٽا گڏ ڪري ورتي آهي، جيڪي پرڏيهي قانوني طور هتي رهن پيا، انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿيندي، هن چيو ته غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن کي پهرين نومبر جو وقت ڏنو آهي ته اهي رضاڪاراڻا طور ملڪ مان هليا وڃن، جيڪي رجسٽرڊ ناهن، اهي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين، اسان کين واپس موڪلڻ لاءِ سهوليتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. سنڌ جي نگران گھرو وزير چيو آپريشن رڳو افغانين خلاف نه پر سمورن غيرملڪين جي خلاف آهي، سنڌ حڪومت پاران غيرقانوني پرڏيهين کي پڪڙي بلوچستان سرڪار حوالي ڪيو ويندو. ڪجهه پرڏيهين کي وري سامونڊي رستي ذريعي پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران گھرو وزير چيو ته ايراني پيٽرول ۽ ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن. ان موقعي تي بلوچستان جي گھرو وزير جان اچڪزئي چيو ته بلوچستان سرڪار غير ملڪي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍندي، اسان ايگزٽ پوائنٽس به ٺاهي ڇڏيون آهن، ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن، پاڻمرادو ملڪ نه ڇڏيندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪبا ، هن چيو ته غيرقانوني ڀارتي بنگالين خلاف به آپريشن ڪيو پيو وڃي، سياسي جماعتون غير قانوني پرڏيهين جي سرپرستي نه ڪن، آپريشن کي جنهن به سياسي رنگ ڏنو ته ان جو مطلب هُنن رياست خلاف ڪم ڪيو آهي. بلوچستان ۾ هاءِ ويز کي بلاڪ ڪرڻ وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته قبيلائي تڪرارن کي قبيلائي طريقي سان ئي حل ڪيو ويندو.