ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن وارو سنڌ لٽريچر فيسٽيول 3 مارچ کان شروع ٿيندو، سنڌ جو وڏو وزير افتتاح ڪندو، ڪالهه لٽريچر فيسٽيول جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي اڳواڻن نامياري ليکڪا نورالهديٰ شاه، آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاه، نصير گوپانگ، زوهيب ڪاڪا ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هي ڇهون سنڌ لٽريچر فيسٽيول آهي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، لٽريچر فيسٽيول ۾ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف موضوعن تي سيشن ٿيندا، مجموعي طور 140 کان وڌيڪ سيشن ٽن ڏينهن تائين جاري رهندا. جڏهن ته محفل موسيقي پڻ ٿيندي. هن فيسٽيول ۾ مختلف ليکڪن جي ڪتابن جي مهورتي تقريب سميت محفل موسيقي ۽ مشاعرو پڻ رٿيل آهي. فيسٽيول 5 مارچ تائين جاري رهندو،