ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ مالي بحران باوجود 350 کان وڌيڪ عارضي ملازم ڀرتي ٿيڻ جو اسڪينڊل ظاهر، سينٽرل ضلعي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر واري خالي پوسٽ تي مقرري ڪرڻ بجاءِ معاملا ڪانٽيجنسي تي ڀرتي ٿيل ملازم حوالي! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ۾ غيرمعياري کاڌي پيتي جي شين توڙي غيررجسٽرڊ فوڊ ڪمپنين جي روڪٿام لاءِ عدالتي حڪمن تي 2018ع ۾ قائم ٿيل سنڌ فوڊ اٿارٽي جي اختيارين مالي بحران باوجود 350 کان وڌيڪ ملازم عارضي بنيادن تي ڀرتي ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي ڳريون پگهارون پڻ کڻي رهيا آهن،  ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته فوڊ اٿارٽي  جي ڊي جي آغا فخر حسين اٿارٽي جي بورڊ کان منظوري وٺڻ ۽ قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بنا مختلف ضلعن ۽ ڊي جي آفيس ۾ وڏي پيماني تي عارضي ڀرتيون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن بعد اٿارٽي جو مالي بحران اڃا وڌي ويو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي آغا فخر حسين پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر سينٽرل ڪراچي جي خالي پيل عهدي تي ڪا مستقل مقرري ڪرڻ بجاءِ عارضي طور ڀرتي ٿيل ملازم سيد دانش کي معاملا سنڀالڻ جي ذميواري سونپي وئي آهي.