سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ پنجاب جي اڳواٽ منصوبابندي

0
60
سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ پنجاب جي اڳواٽ منصوبابندي

سنڌ طاس معاهدو جيڪو 1960 ۾ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان سان هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيو هو، ٻن ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو هڪ غيرمعمولي مثال سمجهيو ويندو هو. هن معاهدي ڇهن اهم دريائن جي ورهاست ڪئي، جنهن تحت اوڀر وارن دريائن (راوي، ستلج، بياس) تي هندستان جو اختيار مقرر ٿيو ۽ اولهه وارن دريائن (سنڌو، جهلم، چناب) تي پاڪستان جو. هندستان کي محدود حد تائين اولهه جي دريائن مان پاڻي استعمال ڪرڻ جي اجازت هئي، پر شرط اهو ته وهڪرو نه روڪيو وڃي. عالمي حالتن، جنگين ۽ سياسي بحرانن جي باوجود معاهدو هڪ مضبوط ستون طور قائم رهيو پر تازو واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هاڻ اهو معاهدو تاريخي بحران جي ور چڙهيل آهي، جنهن جا اثر هڪ ارب 60 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگيءَ تي پئجي سگهن ٿا، جيڪي انهن دريائن جي پاڻيءَ تي زراعت، توانائي ۽ روزمرهه جي ضرورتن لاءِ ڀاڙين ٿا.

                 هندستان جي ان معاهدي سان ناراضگي ڪا نئين ڳالهه ناهي. 2016ع ۾ ڪشمير جي اُڙي حملي کان پوءِ وزيراعظم نريندر مودي چيو هو ته “رت ۽ پاڻي گڏ وهي نٿا سگهن”، جنهن سان صاف ظاهر ٿيو ته هندستان پنهنجي حصي جي پاڻيءَ کي مڪمل طور استعمال ڪرڻ جون واٽون ڳولڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. فيبروري 2019 ۾ پلوامه حملي کان پوءِ به ساڳي موقف ۾ شدت آئي. هندستاني اختيارين زور ڀريو ته هندستان پنهنجو اضافي پاڻي روڪڻ جو حق رکي ٿو. عوامي بحث مباحثن ۾ به اها ڳالهه زور وٺندي رهي ته هندستان شايد معاهدو ختم ڪري ڇڏي، پر ان وقت به ڪو باضابطه قدم نه کنيو ويو. جنوري 2023ع ۾ هندستان هڪ سنجيده قدم کنيو ۽ پاڪستان کي نوٽيس موڪليو ته ٽريٽي جي ڪجهه شقن ۾ ترميم لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون وڃن، خاص ڪري تڪرار حل ڪرڻ واري طريقيڪار کي جديد بڻائڻ بابت. اهو قدم معاهدي خلاف سڌو سنئون بغاوت ته نه هئي، پر واضح طور تي ناراضگي جو اظهار هو. سيپٽمبر 2024ع ۾ هندستان رسمي طور تي ٻيهر نوٽيس موڪليو ۽ معاهدي جي نون بنيادن تي ڳالهين جو مطالبو ڪيو، آبادي ۾ واڌ، توانائي جي ضرورتن ۽ آبهوا جي تبديلين کي بنياد بڻائيندي. ساڳئي وقت هندستان پنهنجي اولهه وارن دريائن مان مڪمل فائدو وٺڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون، معاهدي تحت قائم ٿيل عملدارن جي ملاقاتن کي معطل ڪيو ۽ نوان بند ٺاهڻ تي زور وڌو جنهن مان صاف نظر ٿي آيو ته عملي طور تي هندستان معاهدي جي دائري کان ٻاهر نڪري رهيو آهي.

هينئر پاڪستان ۽ هندوستان وچ ۾ هلندڙ جنگ جهڙي صورتحال جيڪا هندستاني انتظام واري ڪشمير واري شهر پهلگام ۾ 22 اپريل 2025 تي ٿيندڙ ڀارتي سياحن تي حملي کانپو‏‏ءِ پئدا ٿي، جنهن جو الزام هندوستان سڌو سنئون پاڪستان تي هڻندي ان خلاف جتي ٻيا به ڪيترائي قدم کنيا پر سڀ کان پهريائين سنڌ طاس معاهدي کي يڪطرفه معطل ڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. پاڪستان لاءِ صورتحال نهايت نازڪ آهي. دريائن جي وهڪرن ۾ ڪنهن به رڪاوٽ سان ملڪ جي زرعي معيشت، توانائيءَ جي پيداوار، ۽ صوبن پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ به اندروني ڇڪتاڻ وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، جيڪا پهريان ئي تمام گهڻي شدت وٺي چڪي آهي، خاص طور تي ڇهن ڪئنالن جي رٿا کانپوءِ سنڌ اندر ٻٻرلوءِ جي مقام تي قومي شاهراه کي بند ڪري پنجاب ڏانهن ويندڙ سموري رسد کي بند ڪيو ويو. ٻئي طرف هندستان کي به وڏا مسئلا سامهون آهن: عالمي ساک جو خطرو، وڏي پيماني تي نئين بندن ۽ پاڻيءَ جي سهولتن جي تعمير جي ضرورت، ۽ سفارتي محاذ تي امڪاني موٽ کي منهن ڏيڻ وغيره.

هندستان جي سنڌ طاس معاهدي خلاف جتي مودي حڪومت گذريل ڏهن سالن کان سازشون ڪندي پاڪستان سميت سنڌ کي سڪائڻ جا جتن ڪري رهي آهي، اتي نواز ليگ جي حڪومت به هندستان جي اهڙي ممڪنا سازش جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ پاڻي جي کوٽ کي اڳواٽ ئي منهن ڏيڻ لا‏‏ءِ پنجاب ڏانهن پاڻي موڙيندڙ ڪئنالن جي اهڙي منصوبي کي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن سان هندستان جي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو پاڻي تي پوندڙ مڪمل منفي اثر سنڌ ڏانهن منتقل ٿي ويندو. هندستان جيڪڏهن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جي الهندي دريائن چناب، جهلم يا سنڌو جي وهڪرن جو پاڻي روڪي ٿو، تنهن جي کوٽ 1991 واري ٺاهه مطابق سنڌ سان ورهائي ويندي ۽ ٻيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال جنهن کي پهريائين معاهدي جي برخلاف، پيرينئل ڪئنال بڻائي ٻارهوئي پاڻي چوري لاءِ استعمال هيٺ آندو  ويو آهي، هاڻ وري مٿس موجوده منصوبن گريٽر ٿل ڪئنال ۽ چوبارا ذريعي سنڌ جو وڌيڪ پاڻي چورائڻ جو منصوبو سٽيو ويو آهي.

هندستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي يا منسوخي جي صورت ۾ عين ممڪن آهي ته اوڀارين دريائن (راوي، ستلج ۽ بياز) ۾ پاڻي کي مسلسل ڇڏي ان صورت ۾ پنجاب ان سموري پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ وري انهن ٽنهي دريائن ستلج، بياس جيڪو پهريائين ستلج ۾ اچي ڪري ٿو، ۽ راوي جو سمورو پاڻي اوڀر طرف موڙي سنڌو کان پري وڃي پنهنجو رڻ چولستان آباد ڪرڻ گهري ٿو. اهڙي طرح هو ڀارت جي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ملندڙ دريائن کي به سنڌ تائين پهچڻ کان اڳي سليمانڪي ۽ بلوڪي هيڊ ورڪس وٽان ڌاڙو هڻي گم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪندي پنهنجي ٻارنهن کان ٻاويهه لک ايڪڙ غيرآباد زمين آباد ڪرڻ لاءِ سموري سنڌ کي تباهه و برباد ڪرڻ جو منصوبو سٽي رهيو آهي.

پنجاب انهن ٽنهي دريائن جي پاڻي (جيڪو سڌياڻي ۽ اسلام بئراج کان ٿيندو پنجند کان سنڌو ۾ داخل ٿيندو آهي) تي هينئر ئي پنهنجي ملڪيت هجڻ جي دعوا ڪري رهيو آهي. جڏهن هو چئي رهيو آهي ته چولستان ڪئنال کي هو پنهنجي درياهه ستلج مان پاڻي ڏيندا، جڏهن ته اهي ٽئي درياهه تاريخي طور سنڌوءَ ۾ ڪرندڙ رهيا آهن.  اهو ڪئنالن وارو منصوبو وڏي حڪمت عملي سان تيار ڪيل آهي، جيڪو پنجاب کي طاس معاهدي جي  معطلي يا منسوخي جي صورت ۾ ملندڙ نئين وهڪرن ۽ 1991ع جي پاڻي ورڇ معاهدي تحت حاصل ٿيندڙ پنهنجي حصي، ٻنهي تي مڪمل گرفت ڏيڻ جي اجازت ڏيندو. ان طريقي سان پنجاب پاڻ کي مستقبل جي پاڻي کوٽ کان بچائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. ان سان گڏو گڏ سنڌ ۽ ٻين صوبن لاءِ سخت پاڻيءَ جي کوٽ جو خطرو پيدا ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اهو مسئلو هميشه لا‏ءِ شفاف ۽ منصفاڻي طريقي سان حل نه ڪيو ويو، ته پاڪستان جي اندر صوبائي تڪرار هڪ دفعو ٻيهر ڀڙڪي سگهن ٿا.

sahibkhokhar@hotmail.com