سنڌ طاس معاهدي جي معطلي۽ نون ڊيمن جو شو شو

0
105
سنڌ طاس معاهدي جي معطلي۽ نون ڊيمن جو شو شو

 تازو هندستان سرڪار سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري ان تي عمل درآمد ڪرڻ کان نابري واري آهي. سنڌ طاس معاهدي جي معطلي اوچتو ڪنهن حادثي جو نتيجو نه آهي. انهيءَ لاءِ هندستان سرڪار گذريل ڪجهه سالن کان ڪوشش ۾ هئي ته معاهدو بدليل حالتن مطابق ٻيهر ڪيو وڃي. پاڪستان سرڪار طرفان ان تي راضپو نه ڏيکارڻ ڪري، هندستان سرڪار طرفان يڪطرفه ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

                 اچو ته سنڌ طاس ٺاهه جي پس منظر تي هڪ نظر وجهون. 1947ع ۾ برصغير جي ورهاڱي ڪري پنجاب ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. اوڀرندو پنجاب هندستان ۽ اولهندو پنجاب پاڪستان جي سرحدن ۾ شامل ٿيو. ورهاست اهڙي طريقي سان ڪئي وئي جو اولهندي پنجاب ۾ ايندڙ دريا خاص ڪري راوي، ستلج جا فيروز پور ۽ ماڌپور هيڊورڪس اولهندي پنجاب ۾ اچي ويا. هندستان پهرين اپريل 1948ع تي اهي ٻئي هيڊورڪس بند ڪري ڇڏيا. هندستان ائين ڇو ڪيو، انهيءَ تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. انهيءَ اختلاف کي نبيرڻ لاءِ 4 مئي 1948ع تي دهلي ۾ هڪ ٺاهه ٿيو. ٺاهه تي هندستان طرفان جواهر لعل نهرو، وزير اعظم هندستان، وي – اين گاگل، مرڪزي وزير ۽ سورن سنگهه، آبپاشي وزير اوڀر پنجاب ۽ پاڪستان طرفان غلام محمد وزير خزانه پاڪستان حڪومت ۽ اولهه پنجاب جي وزيرن ممتاز دولتانا ۽ شوڪت حيات جون صحيون آهن. انهيءَ ٺاهه جي شق 5 هيٺ اولهه پنجاب (حڪومت پاڪستان) طرفان، انهن ندين ۾ پاڻي کولڻ تي اوڀر پنجاب کي پاڻي جا پئسا ڀري ڏيڻ تي راضپو شامل آهي. شق 5 هن ريت آهي، “اولهه پنجاب حڪومت انهيءَ ڳالهه تي راضپو ڏيکاريو آهي ته هندستان جو وزير اعظم جيتري رقم چوندو، اها فوري طور تي هندستان جي رزو بينڪ ۾ جمع ڪرائيندي. انهيءَ مان سرڪار اهو مڃيو آهي ته فوري طور تي پئسا اوڀر پنجاب کي ڏنا ويندا، جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه آهي“.

دهلي ٺاهه کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان ۾ پاڻي مسئلي تي اختلاف وڌي ويا. 1951ع ۾ هڪ آمريڪي صحافي لِلي انيٿال جي رپورٽ تي اقوام متحده مسئلي جي حل لاءِ مداخلت ڪئي. عالمي بينڪ جي ٽياڪڙي تي 1960ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ “سنڌ طاس معاهدو” (Indus Water Treaty) ٿيو. سنڌ طاس معاهدي تي صحيون ڪندي، ٻنهي ملڪن گڏيل رضامندي سان دهلي ٺاهه کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌ طاس ٺاهه جي شق 2 تحت ٽي اوڀرندا درياهه، راوي، ستلج ۽ بياس هندستان جي حوالي ڪيا ويا ۽ شق 3 تحت اولهندا درياهه، سنڌو، جهلم ۽ چناب پاڪستان جي حوالي ڪيا ويا۔ هندستان کي اولهندي دريائن جي پاڻي جي استعمال تي هيٺيان حق ڏنا ويا:

  1. گهرو استعمال
  2. خرچ نه ٿيندڙ پاڻي
  3. زرعي استعمال لاءِ
  4. آبي بجلي پيدا ڪرڻ جو حق

زرعي استعمال ۽ آبي بجلي پيدا ڪرڻ جو تفصيل وري ٺاهه سان شامل ضميمن ۾ ڏنل آهي. ٺاهه ۾ اختلاف نبيرڻ لاءِ شق IX شامل ڪيل آهي. شروع ۾ هندستان طرفان پاڪستان کي ٺاهه جي شق XII (3) ھيٺ ٺاهه ۾ نئين شق شامل ڪرڻ جو لکيو هو.

شق XII (3) ۾ ڄاڻايل آهي ته، “هن ٺاهه ۾ ڄاڻايل نقطن ۾ وقت به وقت ردوبدل، ٻنهي ملڪن جي رضامندي سان ڪيل ٺاهه جي ذريعي ڪري سگهجي ٿي”. سنڌ طاس معاهدي ۾ اهڙي ڪا به شق شامل نه آهي، جنهن تحت ٺاهه ۾ شامل ڌرين مان ڪا به هڪ ڌر ٺاهه کي پنهنجي مرضي سان معطل يا ان ۾ ردو بدل ڪري سگهي. حقيقت ۾ سنڌ طاس معاهدو، دنيا جو واحد معاهدو آهي، جنهن ۾ پاڻي ورهائڻ جي بجاءِ درياهه ورهايا ويا آهن. حالانڪه عالمي سطح تي اهڙا قانون جهڙوڪ: هيلسنڪي ٺاهه (1966ع) ۽ اقوام متحده جو 1997ع ۾ منظور ڪيل “واٽر ڪورسز ڪنوينشن” قانون هڪ کان وڌيڪ ملڪن مان گذرندڙ دريائن جي پاڻي ورڇ لاءِ ٺهيل آهن. انهيءَ تحت دريائن تي هيٺين ڀرواري ملڪ جي حقن جو تحفظ ٿيل آهي.

سنڌ طاس معاهدو هندستان ۽ پاڪستان ۾ ٽن جنگين ۽ سياسي ڪشيدگي باوجود پنهنجي جاءِ تي قائم ۽ دائم رهيو، اوچتو معاهدي جي هندستان طرفان يڪطرفي معطلي سياسي وايو منڊل ۾ وڌيڪ ڪشيدگي کي جنم ڏنو آهي. موجوده صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي قانوني رستو اختيار ڪرڻ کانسواءِ اقوام متحده يا سارڪ سربراهه ڪانفرنس ۾ انهيءَ مسئلي کي کڻي وڃڻ جو دڳ پڻ موجود آهي. ڏسجي ته پاڪستان ڪهڙو دڳ اختيار ڪري ٿو. ان کان علاوه اها به هڪ تحقيق طلب ڳالهه آهي ته ڇا هندستان چناب ۽ جهلم دريائن تي ڊيم ٺاهي، اهو پاڻي پنهنجي طرف کڻي وڃي سگهي ٿو؟ هڪ ته ڊيم ٺهڻ ۾ وقت ۽ پئسو تمام گهڻو گهرجي. ٻيو ته انهن دريائن تي ڊيمن ٺاهڻ ڪري هندستان ۾ شامل ڪشمير جو علائقو ڊيمن جي منفي اثرن کان ڪيترو متاثر ٿيندو. ڇا ڪشمير (ڄمون، سرينگر) جا ماڻهو اهو نقصان برداشت ڪري سگهندا يا اتي به ڪو ارون ڌتي راءِ جو روپ وٺي سگهي ٿو.

هندستان طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي کانپوءِ پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف، پشاور ۾ ڪور ڪمانڊ ۾  هڪ جرگي کي خطاب ڪندي چيو ته هندستان جي پاڻي روڪڻ واري عمل کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ صوبن جي مشوري سان نوان ذخيرا ٺاهڻ گهرجن (روزاني ڊان مورخه 4 جون 2025). ان کان علاوه انهيءَ گڏجاڻي ۾ نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي، جيڪا انهيءَ سڄي معاملي جو جائزو وٺي، حڪومت کي 72 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪندي. انهيءَ اجلاس ۾ بَري فوج جو سربراهه، نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير دفاع خواجه آصف، وفاقي وزير منصوبا بندي احسن اقبال، وفاقي وزير قانون ۽ انصاف اعظم نذير تارڙ، وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ، وفاقي وزير ڪشمير ۽ گلگت بلتستان انجنيئر امير مقام، وفاقي وزير بجلي سردار اويس لغاري، آبي وسيلن جي وفاقي وزير معين وٽو، سياسي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ڊاڪٽر توقير شاهه، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، مريم نواز، مراد علي شاهه، علي امين گنڊاپور ۽ سرفراز بگٽي کان علاوه وزير اعظم آزاد ڪشمير چوڌري انوار الحق، وزير اعلى گلگت بلتستان گلبر خان، ريلوي جي مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽرين ۽ ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

اها تعجب جهڙي ڳالهه آهي جو جڏهن به اسان جي ملڪ ۾ ڪا ٻوڏ اچي ٿي يا پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي، يا پاڻي سان لاڳاپيل ڪو به مسئلو ٿئي ٿو ته ملڪ جي واڳ ڌڻين کي ان مسئلي جو حل صرف نون ڊيمن ٺهڻ ۾ نظر اچي ٿو. حالانڪ اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ ٺهيل موجوده ڊيم ڪڏهن به پنهنجي مقرر سطح تائين نه ڀريا آهن. اهڙي صورت حال ۾ جيڪڏهن وڌيڪ نوان ڊيم ٺاهيا ويا ته انهن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ڇا ملڪ ۾ وڌيڪ نوان ڊيم ٺاهڻ جي گنجائش آهي؟ منهنجي نظر ۾ واپڊا طرفان ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن ٺاهڻ جو جيڪو “ويزن 2025” ڏنو آهي، انهيءَ مان گهڻو ڪري سڀئي منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن، سواءِ سنڌو درياهه تي ڪالاباغ ڊيم ۽ ڪٽزارا ڊيم (اسڪردو ڊيم) جي۔ ويزن 2025ع کان علاوه پڻ ملڪ ۾ ڊيم ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ مهمدن ڊيم، داسو ڊيم شامل آهن. وڏن ڊيمن جي عالمي ڪميشن مطابق پاڪستان ۾ 73 وڏا ڊيم ۽ پاڻي جا ذخيرا ٺهيل آهن. هن وقت پاڪستان جي استعمال هيٺ ٽن اولهندن دريائن مان ٻن دريائن يعني جهلم ۽ چناب تي ڪو به نئون ڊيم ٺاهڻ جي گنجائش نه آهي، ڇاڪاڻ جو اهي هندستاني سرحد (سرينگر وارو ڪشمير) مان اچن ٿا. ڏئي وٺي صرف سنڌو درياهه بچيو آهي، جنهن تي ڪو نئون ڊيم ٺهي سگهي ٿو. سنڌو درياهه تي هن وقت به ٽي ڊيم، ڀاشا، مهمند ۽ داسو  ٺهي رهيا آهن. انهن ٽنهي ڊيمن ۽ ملڪ ۾ ٻين ٺهندڙ ننڍن ننڍن ڊيمن جي گنجائش هڪ اندازي مطابق 15 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جنهن جي گنجائش 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، ٺاهيو ويو ته ملڪي نون ذخيرن جي ضرورت ايڪويهه ملين ايڪڙ فوٽ کان وڌي ويندي. نون ڊيمن جي حامين جي نظر ۾ سمنڊ (انڊس ڊيلٽا) ۾ ويندڙ پاڻي زيان ٿي رهيو آهي، اهو روڪي نوان ڊيم ٺاهيا وڃن. ڇا انڊس ڊيلٽا ۾ ويندڙ پاڻي زيان آهي؟ انڊس ڊيلٽا ۾ ڪيترو پاڻي وڃي رهيو آهي؟ جيستائين انڊس ڊيلٽا ۾ ويندڙ پاڻيءَ جي زيان ٿيڻ جو سوال آهي ته مون هن کان اڳ ۾ پنهنجي مضمون “جاني هن جهاجَ ۾”، جيڪو پنهنجي اخبار ۾ 2 جون 2025ع تي ڇپيل آهي، انگن اکرن سان اهو ڄاڻايو آهي ته دنيا جا ملڪ ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏي، ان مان ملڪي معيشت ۾ واڌارو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري پاڪستان کي هر سال ٻه ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي. انهيءَ ڪري اسان کي به انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏي، ان مان اپت حاصل ڪرڻ گهرجي. جيستائين انڊس ڊيلٽا ۾ ويندڙ پاڻي جو تعلق آهي ته اهو هر سال هڪ جيترو نٿو اچي. انهيءَ ۾ اهڙا سال به آهن جو پاڻي هڪ ملين ايڪڙ فوٽ کان گهٽ ڊيلٽا ۾ آيو آهي. جڏهن ته انڊس ڊيلٽا لاءِ عالمي ماهرن مطابق 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ماحولياتي وهڪرن لاءِ ضروري آهي. ڊيمن جي حامين طرفان انڊس ڊيلٽا ۾ ويندڙ سراسري پاڻي ڪنهن وقت ۾ 35 ملين ايڪڙ فوٽ ڄاڻايو ويندو هو، جيڪو هاڻي سراسري طرح 26 ملين ايڪڙ فوٽ ڄاڻائي رهيا آهن. انهن 26 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مان جيڪڏهن اسان اوڀرندي دريائن ۽ ڪابل ندي مان ايندڙ پاڻي ۽ ڊيلٽا لاءِ مخصوص ڪيل پاڻي هڪ طرف ڪريون ته پوءِ نون ذخيرن لاءِ گهربل پاڻي ڪاٽو بچي ٿو.

هندستان جي ڏاڍ مڙسي ڪري پاڻي روڪڻ کي سنڌ طاس معاهدي جي شق IX ۾ اختلاف نبيرڻ جي طريقي ڪار سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. ٻي طرف ملڪ ۾ روز بروز وڌندڙ کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاڪستان کي مرڪزي پاڻي پاليسي تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي. مرڪزي پاڻي پاليسي ۾ اهو واضح ڄاڻايل آهي ته ملڪ ۾ رائج فرسوده آبپاشي نظام تي بندش وجهي، دنيا ۾ رائج آبپاشي جي جديد نظامن، جن ۾ اسپرنڪل، ڊرپ ۽ ٻيا طريقا شامل آهن، کي رائج ڪرڻ گهرجي.

نون ڊيمن جو شوشو، ڪالاباغ ڊيم جي مرده جسم ۾ جان وجهڻ جي هڪ نئين ڪوشش آهي. ان کان علاوه ڇهن واهن واري تلوار ته الڳ سنڌ مٿان لٽڪل آهي. جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم کي ٻيهر زندهه ڪيو ويو ته پوءِ انڊس ڊيلٽا جيڪو ٻيانوي سيڪڙو اڳئي سمنڊ پائي ويو آهي، باقي رهيل علائقو جلد سمنڊ دوز ٿي ويندو. انهن حالتن ۾ اوشنو گرافي جي اها رپورٽ ته 2050ع تائين ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعو ۽ 2060ع ۾ ڪراچي سمنڊ دوز ٿي ويندا، حقيقت لڳي ٿي. انهيءَ سڄي معاملي ۾ پپيلز پارٽي جي ٻن وڏن وزيرن ۽ خاص ڪري سنڌ جي وڏي وزير جي خاموشي تعجب خيز آهي. سنڌ جي سڄاڻ سياسي ڌرين کي هن معاملي کي زندگي ۽ موت جو معاملو سمجهي اڳتي اچڻ گهرجي. ائين نه ٿئي جو دير ٿي وڃي ۽ اسين هٿ مهٽيندا رهجي وڃون.