اسلام آباد: سنڌ طاس معاهدي 1960ع جي شق (4) 12 تحت ڪا ڌر اهو معاهدو هڪطرفو ختم نٿي ڪري سگهي، دستاويز ۾ لکيل آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم نٿو ڪري سگهي، ٻنهي ملڪن جي رضامندي بنا سنڌ طاس معاهدو ختم نٿو ڪري سگهجي، عالمي ٽياڪڙي سان پاڻي معاهدو ٿيو هو. پاڻي وسيلن بابت وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٻطرفو عالمي معاهدو آهي جنهن کي ڀارت هڪطرفي طور ختم نٿو ڪري سگهي، 1960ع ۾ معاهدو عالمي بينڪ جي ثالثي ۾ طئي ٿيو هو، معاهدي ۾ ڪا به تبديلي ٻنهي ملڪن جي رضامندي سان ئي ٿي سگهي ٿي، سنڌ طاس معاهدي تحت 3 درياءَ سنڌو، چناب، جهلم، پاڪستان کي ڏنا ويا هئا جڏهن ته راوي، ستلج ۽ بياس ڀارت کي ڏنا ويا هئا. ڀارت پاران ڪيترائي ڀيرا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، پاڪستاني دريائن تي پن بجلي منصوبا تعمير ڪري پاڪستان ايندڙ پاڻي کي متاثر ڪيو ويو، گذريل ٽن سالن ۾پاڪستان ۽ ڀارت جي انڊس واٽر ڪمشنر جو اجلاس ناهي ٿي سگهيو، آخري اجلاس 30 ۽ 31مئي 2022ع ۾ نئين دهلي ۾ ٿيو هو.