سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 62.1 سيڪڙو ٿي وئي: وپڊا پاران ربيع ۾ تربيلا ۽ منگلا ڀرڻ شروع، ان ڏس ۾  ورتل جائزي موجب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 52 سيڪڙو هوندي تربيلا ۾ 7200 ۽ منگلاڊيم ۾ 12206 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو، ڇنڇر تي شام 6 وڳي تربيلا ڊيم ۾ 2.95 فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيڻ بعد  ليول 1404.95 فوٽ تي پهچي چڪي هئي،  ڊيم جو مٿانهون وهڪرو 22200 ۽ هيٺاهون وهڪرو 15000 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو،   هوڏانهن منگلا ڊيم جي سطح  1074.7 فوٽ هئي ، جنهن ۾ هن وقت تائين 24.7 فوٽ پاڻي ذخيرو ٿي چڪو هو، منگلا جو انفلو 27206 ۽ آئوٽ فلو   15000 ڪيوسڪ رهيو ٻئ طرف چشما بئراج وٽ واقع  چشما ريزوائير ۾ به 4 فوٽ پاڻي گڏ ڪيو ويو، سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ گڊو وٽ 20219 ڪيوسڪ پاڻي پهتو، هوڏانهن سنڌ جي وڏي بئراج سکر وٽ پاڻي کوٽ 62.1 ريڪاڊ  ڪئي وئي، سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 17760 ۽ هيٺاهون وهڪرو 6200 ڪيوسڪ رهيو، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي لاٿ بعد وهڪرا 4783  ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا، آبپاشي کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد، ڪوٽڙي سميت لاڙ پٽ جي رهواسين کي رڳو پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.