ڪراچي(رپورٽ: سترام مهيشوري ۽ شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ 62 سيڪڙو پاڻي کوٽ هوندي آڳاٽي خريف جي پهرين مهيني اپريل ۾ ارسا توڙي واپڊا ڊيم ڀرڻ کانپوءِ تڪراري لنڪ ڪئنال تونسا پنجند کولي ڇڏيو، سنڌ حڪومت جو احتجاج، ان حوالي سان ارسا، واپڊا ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي کان مليل ڄاڻ موجب ته واپڊا پاران خريف جي مند شروع ٿيندي ئي ڊيم ڀرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو، مُلڪ جي وڏي ڊيم تربيلا ۾ هن وقت 15.14 فوٽ پاڻي ذخيرو ٿي چُڪو آهي، ڪالهه تربيلا ۾ پاڻي سطح 1417.14 فوٽ هئي. ڊيم وٽ سنڌو جو انفلو 32600 ۽ آئوٽ فلو 20 هزار هو، ڊيم ۾ 12600 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪيو پي هو، ساڳئي ريت منگلا ڊيم ۾ پڻ 57.25 فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيڻ بعد ڊيم جي سطح وڌي 1107.25 فوٽن تي پهچي وئي هئي. ڊيم جو انفلو 25422 ۽ آئوٽ فلو 17 هزار ڪيوسڪ هو.  ڊيم ۾ ڪالهه به 8442 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو، چشما بئراج تي اڏيل چشما ڍنڍ ۾ پڻ 8.65 فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو، جتي پاڻي جي سطح 638.15 مان وڌي 646.8 فوٽ ٿي وئي هئي. هوڏانهن پنجاب حڪومت پاران سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ بابت گذريل ڏينهن ارسا کي لکيل خط کانپوءِ تونسا پنجند لنڪ ڪينال کي ڪالهه کان کولي 2981 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو، هوڏانهن تونسا کان سنڌ لاءِ 35231 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو، جڏهن ته گڊو تي 27799 ڪيوسڪ پاڻي پهتو، سنڌ جي وڏي بئراج سکر وٽ مٿانهون وهڪرو 24860 ڪيوسڪ هو، ٻئي طرف ارسا دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ 24 ۽ پنجاب 41 سيڪڙو کوٽ کڻي رهيا آهن، سنڌ کي 46300 جي انڊيٽ جي ابتڙ35 هزار ۽ پنجاب کي 70100 بدران 41400 ڪيوسڪ پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن سنڌ حڪومت تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ تي ارسا اڳيان شديد احتجاج ڪيو آهي، سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شوري ارسا اختيارين کي خط لکي ٽي پي لنڪ ڪينال کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. خط ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ اڳ ۾ ئي 62 سيڪڙو پاڻي  کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پنجاب جا ڪئنال 54 سيڪڙو کوٽ کڻن پيا، ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ سان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خطرناڪ حد تائين پهچي ويندي. هن چيو ته هن وقت ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ سنڌ جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي، انهي ڪري لنڪ ڪئنال کي بند ڪيو وڃي.