تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي ۾ صنعان قريشي 23 فيبروري تي سنڌ پنجاب جي دنگ تي سنڌو درياءَ مٿان تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف ڌرڻي لاءِ جاڳرتا گڏجاڻين بعد پريس ڪانفرنس لاءِ تنگواڻي پھچي ويو، ان موقعي تي صنعان قريشي جو چوڻ هو ته درياهه جياپي جو معاملو آھي، ڪئنال اڏي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، 23 فيبروري قوم کي ڊيراموڙ سنڌ پنجاب جي سرحد تي پھچي ڌرتي ڌڻي ھجڻ جو ثبوت ڏيڻ گھرجي.هن چيو ته سنڌ ۾ ٻار به اغوا ٿي رهيا آهن پر پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هن مطالبو ڪيو ته شاعر آڪاش انصاري جي موت جي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.