ڪراچي: ملڪي بريڪ ڊائون سبب ڪراچي ڪيترائي ڪلاڪ اونداهي ۾ ٻڏل رهيو، ڪي اليڪٽرڪ اڍائي ڪلاڪن اندر پنهنجن پاور هائوسن ذريعي رڳو ڪلفٽن، ڊفينس، ڪي پي ٽي ۽ اسپتالن جي بجلي بحال ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن جي صبح جو 9 وڳي کان بجلي بند ٿيڻ شروع ٿي، جيڪا اڌ ڪلاڪ ۾ سڄي شهر مان بجلي غائب ٿي وئي، جيڪا 6 ڪلاڪن بعد بحال ٿيڻ شروع ٿي، بجلي بند هجڻ سبب سنڌ سيڪريٽريٽ جو سمورو ڪاروهنوار ٺپ رهيو، ڪم ڪار سانگي سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل ماڻهو مايوس ٿي واپس موٽي ويا، بجلي نه هجڻ ڪري پاڻي جي فراهمي پڻ معطل رهي،