ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) چيف سيڪريٽري جو انوکو قدم، هڪ پاسي انڪوائري جو حڪم ٻئي پاسي ساڳئي انجنيئر کي مٿين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو نوٽيڪيشن جاري ڪيو ويو . ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ سيڪريٽريٽ لاءِ 22 ڪروڙن جون 12 لفٽون خريد ڪرڻ واري اسڪينڊل جي ڪردار ورڪس کاتي جي ايڪسين تنوير ڪلوڙ کي 19هين گريڊ ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر طور ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي چيف سيڪريٽري پاران لفٽن جي خريداري واري معاملي  جي انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو هو.