ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ ۾اڄ  سينيٽ جي 12 سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ ڊرامائي تبديلي: پ پ جو جنرل سيٽ تي اميدوار سرفراز راڄڙ اوچتو رٽائر: اڄ پ پ جي 11 بجاءِ 10، متحده جي هڪ ۽ آزاد اميدوار  فيصل واوڊا جي سينيٽر طور ڪاميابي جا امڪان وڌي ويا، ان ڏس ۾ سنڌ جي سينيٽ  ۾ 12 سيٽن لاءِ  چونڊ اڄ 2 اپريل تي ٿيندي، جنهن لاءِ 19 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب سينيٽ اليڪشن لاءِ پولنگ صبح 9 کان شام 4 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي، چونڊن لاءِ سنڌ اسيمبلي کي  پولنگ اسٽيشن قرار ڏنو ويو آهي، جتي چونڊن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. هوڏانهن سينيٽ چونڊ کان 24 ڪلاڪ اڳ  پ پ جي سينيٽ جي جنرل سيٽ لاءِ اميدوار سرفراز راڄڙ  پاران اليڪشن کان رٽائر ٿيڻ ( هٿ کڻڻ ) بعد آزاد اميدوار فيصل واوڊا لاءِ  رستو صاف ٿي ويو، ھوڏانھن سنڌ ۾ سينيٽ چونڊ جي بائڪاٽ جو اعلان ڪندڙ تحريڪ انصاف  جي اميدوارن اليڪشن ڪميشن وٽ رٽائرمينٽ پيپر جمع نه ڪرايا، جنهن سبب سنڌ ۾ سينيٽرن جي بنا مقابلي کٽجڻ وارو رستو به کلي نه سگهيو ، ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ جي هٿ کڻندڙ اميدوار سرفراز راڄڙ جو چوڻ ھو ته پارٽي جي حڪم تي اليڪشن تان رٽائر ٿيو آهيان، پارٽي جي سيٽ ھئي، پارٽي ڏني ھئي، نظرياتي ڪارڪنن لاءِ ڪو به قدم کڻڻ مشڪل ناهي ھوندو، هن چيو ته منهنجي ڪري پارٽيءَ جي ٻين ماڻهن  لاءِ آساني ٿي آھي.