ڪراچي (م ڊ) پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو آهي ته هڙتال ڪامياب رهي، عوام جون ڏُکيائيون ڏسي هڙتال ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، باقي پنهنجن مطالبن تان پوئتي نه هٽنداسين، حڪومت هڙتال جي خلاف  ۽ ڊي سيز به ڊيلرز کي هيسايو، ايڊوانس ٽرن اوور ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وڏي زيادتي آهي، هن چيو ته ٻڙي ڏهائي 5 ٽرن اوور ٽيڪس جي ادائگي سان پيٽرول پمپس جو ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو، پيٽروليم ڊيلرز جي سڌ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس جزوي طور بند ڪيا ويا هئا.