ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏهاڙو مذهبي جوش جذبي سان ملهايو، ڪيڪ ڪاٽيا ويا، حيدرآباد ۾ به عيسائي برادري جي خوشين ڀريو تهوار ڪرسمس ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، خوشين ڀري عيد ۾ حيدرآباد ۾ موجود چرچن کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو، صبح سان حيدرآباد ۾ رهندڙ عيسائي برادري جي ماڻهن نوان ويس وڳا پهري چرچن ۾ پهچي عبادت ڪئي، ملير جي ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير ڀٽو ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري سان يڪجهتي طور ابراهيم حيدري، لالا آباد، شاهه لطيف ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ چرچز جو دورو ڪيو ۽ ڪرسمس جا ڪيڪ ڪاٽيا، هن مسيحي برادري ۾ تحفا پڻ ورهايا، هن چيو ته اقليتي ملازمن کي پنهنجن مذهبي عقيدن ۽ روايتن موجب آزادي سان ڏهاڙا ملهائڻ جو حق حاصل آهي، سکر ۾ مسيحي برادري ڪرسمس ڏهاڙو ملهايو، گهرجا گهرن کي رنگ برنگي بتين سان سنڱاريو ويو، ملڪ ۽ سنڌ جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون،. ميئر ارسلان شيخ مسيحي برادري کي ڪرسمس تي واڌايون ڏنيون، لاڙڪاڻي جي چرچ ۾ ڪرسمس جي تقريب ٿي، جنهن ۾ ايس ايس پي روحل کوسو پهچي مسيحي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏنيون ۽ ساڻن گڏجي ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو.