حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ حڪومت 100 ڪلو ڪڻڪ واري ٻوري جي قيمت ۾ 3 هزار رپين جو اضافو ڪري عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. ڪجهه مهينا اڳ سرڪاري اگهه 8 هزار 500 رپين ۾ اٽي چڪين ۽ رولر فلورملز تي وڪرو ڪيو پئي ويو پر گذريل ڏينهن سنڌ جي خوراڪ کاتي جي صوبائي سيڪريٽري نئون اگهه 11 هزار 500 رپين جو مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪڻڪ جي ڪوٽا پنجاب وانگر لبرل پاليسي بدران باڊيز ۽ اسٽون پاليسي تحت جاري ڪئي پئي وڃي جيڪا ماضيءَ ۾ مبينا ڪرپشن کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿيندي. ان ڏس ۾ آٽا چڪي ايسوسيئيشن جي اڳواڻن حاجي محمد ميمڻ ۽ حاجي نجم الدين چوهاڻ رابطو ڪرڻ تي ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته گذريل 15 ڏينهن ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ في ٻوري 1700 رپين جو اضافو ٿيو آهي. سنڌ جي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. هنن چيو ته سڄي سنڌ جي ضلعي انتظاميا غيرقانوني طور تي ذخيرو ڪيل ڪڻڪ هٿ ڪرڻ بدران بااثر ذخيرا اندوزن جي سامهون مڪمل طور تي خاموش هٿ ٻڌي بيٺل آهي ۽ سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ ٿيڻ جي صورت ۾ في ڪلو اٽي جا اگهه به وڌي ويندا جنهن سبب مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب اڳ ۾ ئي پريشان سنڌ جي ماڻهن مٿان وڌيڪ مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران 10 هزار رپيا في ٻوري خريد ڪري 11 هزار 500 رپين ۾ وڪرو ڪري عوام سان انصافي ڪئي آهي. سنڌ ۾ به پنجاب وانگر لبرل پاليسي تحت گهٽ قيمتن تي سرڪاري ڪڻڪ فراهم ڪئي وڃي. هنن چيو ته خوراڪ کاتي کي اٽي چڪين ۽ رولر فلور ملن کي ڪڻڪ جي ٻوري 8 هزار رپين ۾ وڪرو ڪرڻي هئي پر هاڻي ان جو اگهه 3 هزار رپيا وڌائي 11 هزار 500 رپيا ڪيو ويو آهي. هنن سنڌ جي نگران وڏي وزير سميت اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته پنجاب حڪومت وانگر سنڌ ۾ به لبرل پاليسي تحت گهٽ قيمت ۾ ڪڻڪ فراهم ڪئي وڃي. هنن چيو ته نوٽيفڪيشن کان اڳ اسان سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ جا اگهه گهٽائڻ جا خط به لکيا پر سنڌ حڪومت پاران ڪو به ڄاڻ نه ڏنو ويو. هنن نگران وزيراعليٰ سنڌ کان اپيل ڪئي ته سنڌ جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ لبرل پاليسي تحت گهٽ قيمت تي ڪڻڪ فراهم ڪري موجوده اگهه ۽ اسٽون پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي.