ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام يو اين ڊي پي جي نمائندي سيموئيل رزڪ (Samuel Rizk) گذريل سال گڏيل ميزباني هيٺ ڪرايل ترقي يافته سنڌ ڪانفرنس کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سالگره ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ملاقات دوران وڏي وزير جسٽس باقر، يو اين ڊي پي پاران صوبي جي عوام جي ٻوڏ دوران بحالي واري پروگرام ذريعي مدد ڪرڻ جي واکاڻ ڪئي.  جيڪو هائوسنگ ۽ ڪميونٽي انفراسٽرڪچر، معاشي بحالي، سرڪاري سهولتن جي بحالي، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ، ماحولياتي تحفظ سميت ٻين مسئلن تي ڌيان ڏيندڙ ادارو آهي. وڏي وزير ۽ يو اين ڊي پي جي نمائندن3 ضلعن نوشهري فيروز، ڄامشوري ۽ ٺٽي ۾ رسڪ گورننس فريم ورڪ جو پائلٽ پراجيڪٽ شروع  ڪرڻ جو فيصلو ڪندي عملدرآمد لاءِ هڪ صوبائي ۽3 ضلعي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيا، يو اين ڊي پي جي نمائندي چيو ته پائلٽ پراجيڪٽ تحت  سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ضلعن ۾ ڊٺل گهرن کي بحال ڪرڻ آهي.  مثبت موٽ ملڻ کانپوءِ پروگرام کي سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو. وڏي وزير چيو ته 2022ع جي ٻوڏ سبب سنڌ صوبي تي خراب اثر پيا آهن. آءِ يم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته 30-2020 لاءِ قومي سطح تي ايس ڊي جيز لاءِ سالياني فنانسنگ جي کوٽ 3.72 ارب ڊالر آهي، آيل يو اين ڊي پي جي نمائندي وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته سندس ادارو سنڌ جي عوام جي بحالي واري ڪم ۾ مدد جاري رکندو.