سنڌ سرڪار ۽ اپوزيشن بجلي ڪمپنين خلاف هڪ آواز: حيسڪو چيف کي شوڪاز: ڪي اليڪٽرڪ چيف اٿي ويو

0
28
سنڌ سرڪار ۽ اپوزيشن بجلي ڪمپنين خلاف هڪ آواز: حيسڪو چيف کي شوڪاز: ڪي اليڪٽرڪ چيف اٿي ويو
سنڌ سرڪار ۽ اپوزيشن بجلي ڪمپنين خلاف هڪ آواز: حيسڪو چيف کي شوڪاز: ڪي اليڪٽرڪ چيف اٿي ويو

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو ۽ حيسڪو  سنڌ اسيمبلي جي خاص ڪاميٽي کي اهميت ئي نه ڏني، سرڪار ۽ اپوزيشن جي ايم پي ايز ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين خلاف گڏيل لائحه عمل جوڙڻ تي اتفاق. سنڌ حڪومت کان ڪي اليڪٽرڪ جي چيف (سي اي او ) تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي سفارش، اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندڙ حيسڪو چيف کي شوڪاز نوٽيس، سندس باقي آيل اسٽاف کي گڏجاڻي مان نيڪالي ڏني وئي، ان حوالي سان ڪالهه پ پ ايم پي اي فياض ٻُٽ جي سربراهي ۾ توانائي کاتي بابت قائم خاص ڪاميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ سيپڪو جي سي اِي اوز سميت پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي 30 ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ پڻ خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايم پي اي معاذ محبوب ڪي اليڪٽرڪ جي سِي اي او مونس علوي کان سوال پڇيو ته جڏهن لوڊشيڊنگ جو شيڊيول طئه ٿيل آهي ته پوءِ وڌيڪ وقت بجلي بند ڇو ڪئي ويندي آهي؟ جيڪڏهن لوڊشيڊنگ غيرقانوني ٿئي پئي ته ڇو نه ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي؟ جنهن تي مونس علوي چيو ته پوءِ بجلي چوري ڪندڙن تي به ڪيس داخل ڪرائيندئو؟ اجلاس دوران اسپيڪر اويس قادر شاھه چيو ته سمورين ڪمپنين کي لوڊشيڊنگ جو شيڊول ڏيڻو پوندو. ڇتي تنقيد سبب  ڪي اليڪٽرڪ جو سي اي او مونس علوي هلندڙ اجلاس مان اٿي هليو ويو، جنهن تي ميمبرن پاران “ڀڄي ويو_ ڀڄي ويو” جا نعرا هنيا. اسيمبلي ميمبرن پاران ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي گرفتار ڪرائڻ جي به ڌمڪي ڏني وئي. ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته آئون سنڌ حڪومت کي تجويز ڏيان ٿو ته مونس علوي خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي، جڏهن ته 10 ڏينهن اندر ٻيهر اجلاس سڏايو وڃي. جنهن تي خاص ڪاميٽي جي چيئرمين فياض ٻُٽ چيو ته عيد کانپوءِ ٻيهر اجلاس سڏايو ويندو. معاملا حل نه ٿيا ته سخت ڪارروائي ڪنداسين. اجلاس ۾ شريڪ سنڌ اسيمبلي ۾ موجود سمورين جماعتن بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين خلاف هڪ پيج تي اچي کين الٽيميٽم ڏنو آهي ته رات جي وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو قسم نامو جمع ڪرايو وڃي. ميمبرن چيو ته حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪارڪردگي بهتر نه بڻائي وئي ته گڏيل لائحه عمل اختيار ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل ڪاميٽي حيسڪو چيف بجاءِ ماتحت آفيسر پهچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حيسڪو چيف جي نمائندگي طور شريڪ ٿيندڙ آفيسرن کي اجلاس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اسيمبلي ميمبرن چيو ته جيڪڏهن حيسڪو چيف اجلاس ۾ اچي نٿو سگھي ته سندس موڪليل نمائندن کي به اجلاس ۾ ويهڻ جو حق ناهي. جنهن بعد  حيسڪو آفيسرن کي اجلاس مان ٻاهر ڪڍيو ويو. انهي کان اڳ پيپلز پارٽي ايم پي اي سعديه جاويد حيسڪو چيف کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته حيسڪو چيف کي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت جو پابند بڻايو وڃي، اهو ايندڙ اجلاس ۾ غير حاضري تي معافي وٺي. هن چيو ته حيسڪو چيف اجلاس ۾ موجود ميمبرن کي مطمئن ڪندڙ جواب ڏئي ته هُن شرڪت ڇو نه ڪئي؟ هن چيو ته حيدرآباد کان حيسڪو جا ننڍا عملدار اچي سگھن ٿا ته حيسڪو چيف پاڻ ڇو نه ٿو اچي سگھي؟ حيسڪو چيف ميمبرن جي وقار کي مجروع ڪيو آهي. حيسڪو چيف اجلاس کي اهميت ناهي ڏني. جيڪڏهن کيس نه اچڻو هو ته اجلاس کي اڳواٽ آگاهه ڪري ها.سعديه جاويد وڌيڪ چيو ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي به رعايت ڏئي رهي آهي. اڄوڪي اجلاس ۾ نيپرا چيئرمين به شريڪ نه ٿيو. نيپرا کي ڪي اليڪٽرڪ خلاف به ڪارروائي ڪرڻ گھرجي.