ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ هلندڙ پيپلز بس لاءِ اليڪٽرڪ بسون خريد ڪرڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ سنڌ حڪومت ۾ اتفاق ٿيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير  مراد علي شاهه ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر يونگ يي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان  ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ شروع ڪيل پيپلز بس جي سفر مان شهري لطف وٺي رهيا آهن،  بي آر ٽي منصوبو مڪمل ٿيڻ تائين پيپلز  بس لاءِ وڌيڪ اليڪٽرڪ بسون خريد ڪيون وينديون، اي ڊي بي جي ڪنٽري هيڊ وڏي وزير جي تجويز جي حمايت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ان  حوالي سان اي ڊي بي جي لاڳاپيل سيڪٽر آفيسرن ۽ پي اينڊ ڊي عملدارن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي جيڪا منصوبي جي ڪاغذي ڪارروائي کي حتمي شڪل ڏيندي. وڏي وزير چيو ته ملير هالٽ کان نمائش ڪوريڊور تائين 26.6 ڪلوميٽر ڊگھو ريڊ لائين منصوبو 78.38 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي انهي منصوبي سان شهر ۾ زندگي جو معيار بهتر ٿيندو پي اينڊ ڊي جي سربراهه چيو ته صوبائي ۽ ضلعي روڊن جي تعمير لاءِ 220 ملين ڊالرن جو سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ايشيائي بئنڪ جو حصو 200 ملين ڊالر ۽ سنڌ حڪومت جو حصو 20 ملين ڊالر هوندو. پروجيڪٽ ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيل روڊن جي بحالي شامل آهي،  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 82.5 ملين ڊالرن جي سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ هيٺ 500 اسڪولن جي ليبارٽرين  کي ٽيڪنيڪل سامان فراهم ڪيو ويندو،