دادو(رپورٽ : فتاح شيخ) سنڌ حڪومت سال 2024/2025 ع لاءِ ڪڻڪ جو امدادي اگھه مقرر نه ڪري سگهي، جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ واپاري آبادگارن کان کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ في ٻوري سرڪاري اگھه 10 هزار بجاءِ 7100 رپين ۾ خريد ڪري رهيا آهن، ڪراچي جي اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي في ٻوري 7400 رپيا مقرر آهي، خوراڪ کاتو سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ سيپٽمبر مهيني ۾ فلور ملز ۽ اٽي چڪي وارن کي ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪندو آهي، پر سال 2024ع دوران 3 مهينا گذرڻ جي باوجود فلور ملز ۽ اٽي چڪي وارن کي ڪڻڪ جي فراهمي شروع ناهي ڪري سگهيو، خوراڪ کاتي پاران کليل مارڪيث ۾ ڪڻڪ جي في ٻوري تي سرڪاري اگھه کان 3 هزار رپيا گهٽ اگھه هئڻ ڪري ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ محمد حسين بلوچ پاران ليٽر نمبر 4216 جاري ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽرز، سنڌ جي سمورن ضلعن جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ۽ اسٽوريج انچارجز جي اڄ 3 ڊسمبر تي سيڪريٽري خوراڪ وٽ ميٽنگ لاءِ گهرائي ورتو آهي ۽ سمورن ضلعن جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر کي اسٽاڪ ۾ پيل ڪڻڪ، باڙداني ۽ آبادگارن کي ڪيل ادائگين جو سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو چيو ويو آهي، خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري پاران سنڌ جي سمورن ضلعن جي ڊي ايف سيز اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي اگھه بابت رپورٽ وٺڻ کانپوءِ سال 2024/2025ع لاءِ ڪڻڪ جو امدادي اگھه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگھه اوپن مارڪيٽ کي نظر ۾ رکندي وڌ ۾ وڌ ڪڻڪ جي في ٻوري جو اگھه 7500 کان 8 هزار رپين تائين مقرر ڪندي جنهن سان خوراڪ کاتي سنڌ کي اربين رپين جو نقصان رسندو، ٻئي طرف 3 مهينا گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت پاران سال 2024/ 2025ع لاءِ ڪڻڪ جو امدادي اگھه مقرر نه ڪرڻ سبب اوپن مارڪيٽ ۾ واپارين جي هڪ هٽي قائم ٿيل آهي ، سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ واپارين پاران 7100 رپيا في ڪڻڪ جي ٻوري جو اگھه مقرر ڪرڻ سبب آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان رسيو آهي

اڪثر ضلعن ۾ گذريل سال جي خريد ڪيل ڪڻڪ پيل

دادو : سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ سال 2023ع ۽ سال 2024ع ۾ خوراڪ کاتي پاران سنڌ جي آبادگارن کان خريد ڪيل ڪڻڪ جون ڪروڙين ٻوريون خوراڪ کاتي جي گودامن ۾ اسٽاڪ ٿيل آهن، خوراڪ کاتي وٽ اسٽاڪ ٿيل ڪڻڪ فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن پاران نه کڻڻ جي صورت ۾ خوراڪ کاتي توڙي سنڌ جي آبادگارن کي سال 2025ع ۾ اربين رپين جو نقصان رسڻ جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن

 

گذريل سال حڪومت يوڪرين مان ڪڻڪ ورتي، ڪراچي جا واپاري ٻين شهرن مان خريد نٿا ڪن: ذريعا

دادو : خوراڪ کاتي جي ذميوارن ذريعن توڙي دادو جي فلور ملز ۽ اٽي چڪي يونين جي سڪندر علي لاکير ، عرفان احمد شيخ ۽ ٻين ٻڌايو آهي ته سال 2023ع دوران حڪومت پاران يوڪرين مان ڪڻڪ خريد ڪئي هئي، جيڪا ڪراچي جي فلور ملز ۽ اٽي چڪي وارن خريد ڪري وڏي مقدار ۾ اسٽاڪ ڪئي آهي ، جنهن سبب ڪراچي جا فلور ملز ۽ اٽي چڪي وارا  صوبي جي ٻين شهرن مان توڙي خوراڪ کاتي سنڌ کان ڪڻڪ خريد نه ٿا ڪن، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي جي اوپن مارڪيٽ ۾ هن وقت ڪڻڪ جي في ٻوري سرڪاري اگھه 10 هزار رپين بجاءِ 7400 في ٻوري وڪرو ٿي رهي آهي .