اسلام آباد: سنڌ حڪومت ڪارونجهر جبل کانسواءِ ٻيٽن، درياهن، جبلن کي به سنڌ ڪلچرل هيريٽيج ايڪٽ جي حدن کان ٻاهر قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ انهن کي حفاظت ان قانون تحت ڪرڻ کان نابري واري آهي. پٽيشن جي صفحي 8 جي پيراگراف هڪ ۾ سنڌ ڪلچرل هيريٽيج ايڪٽ ڪارونجهر جبل جهڙن قدرتي آثارن ۽ نظارن تي لاڳو نه ٿو ٿئي اهو رڳو حدن ۾ ايندڙ شين تي لاڳو ٿئي ٿو جيڪي قديم آثارن، تاريخي، عمارتسازي، ثقافتي يان قومي اهميت وايون هجن. اسان جا سمورا ساحلي ٻيٽ، درياهه، جبل، ٻيلا، ريگستان ۽ ميدان پنهنجي خوبصورتي رکن ٿا اهي تاريخ جو حصو به آهن ۽ لوڪ ڪٿائون به انهن سان لاڳاپيل آهن پر انهن جي حفاظت لاءِ ٻيا لاڳاپيل قانون آهن سنڌ ڪلچرل هيريٽيج ايڪٽ انهن تي لاڳو نه ٿو ٿئي. جڏهن ته پٽيشن ۾ راڳي سيف سميجو جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِڪورٽ جي فيصلي ۾ موسيقار ۽ سماجي اڳواڻ سيف سميجو جو اخبار ۾ ڇپيل مضمون جو حوالو ڏنو ويو آهي ٻيو ڪو به حوال نه ڏنو ويو آهي.