ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان مڪاني چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن  جي انتظامن کي تعصباڻو قرار ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن حڪومت سان ملي عوام کي پريشان پئي ڪري، ڪالهه اداره نورحق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا  سبب  ٻڌائڻ  بنا نامزدگي فارم رد ڪيا پيا وڃن، انهن وٽ اپيل جو به حق ناهي، هن وقت ٻه ٻه ووٽر لسٽون هلن پيون، موجود  لسٽن ۾ ووٽرن جا نالا ئي ناهن،  جماعت اسلامي کانسواءِ سموريون پارٽيون مڪاني اليڪشن کان فرار ٿيڻ چاهين ٿيون، ڇاڪاڻ جو اهي بااختيار شهري حڪومت نٿا چاهين، هن چيو ته رٽرننگ آفيسرن جي صورت ۾ ڪارڪن ويهاريا ويا آهن، ڪورنگي ننڍي چونڊ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي ظاهر ٿي وئي، سرعام گوليون هلڻ باوجود رينجرز کي نه موڪليو ويو هو، هن چيو ته حڪومت ڄاڻي واڻي اهڙو ماحول چاهي ٿي ته جيئن مڪاني اليڪشن ملتوي ٿئي ، اسان چئون ٿا ته اليڪشن ڪميشن طئه ٿيل شيڊيول  هيٺ  چونڊ ڪرائي وڃي.