اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳ ڪارونجهر جبل کي تاريخي ورثو قرار ڏيڻ ۽ ڪٽائي روڪڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي، رجسٽرار آفيس اعتراض لڳائي درخواست واپس ڪري ڇڏي، سنڌ سرڪار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چيلنج ڪيو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ 19 آڪٽوبر تي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم ڏنو، ان حڪم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، درخواست ۾ چيو ويو ته عدالتي فيصلي سان محسوس ٿئي ٿو ته فيصلو سنڌ سرڪار جي دائري ڪار ۾ مداخلت آهي. سنڌ سرڪار پاران سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل اپيل ۾ڪارونجهر جو ڪيس وڙهندڙ ٿر ڄائي وڪيل ايڊووڪيٽ شنڪر لال ميگهواڙ، سيڪريٽري منرل اينڊ مائنز، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت، ڊائريڪٽر جنرل لائسنس اٿارٽي منرل اينڊ مائنز ڊپارٽمينٽ، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، ايس ايس پي ٿرپارڪر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر منرل اينڊ مائنز، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انوائرومينٽ ڊپارٽمينٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ، مختيارڪار ننگرپارڪر ۽ ايس ايڇ او ننگرپارڪر کي ڌر بڻايو ويو آهي. واضح رهي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد، وڪيل شنڪر ميگھواڙ جي درخواست تي 5 سيپٽمبر 2023 تي محفوظ ڪيل فيصلو 19 آڪٽوبر 2023ع تي ٻڌائيندي ڪارونجهر جبل کي قومي ورثو قرار ڏنو هو. فيصلي ۾ ڪارونجهر جبل کي ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪري لاڳاپيل ڌرين کي حڪم ڏنو هو ته ڪارونجهر جبل تي ڪا به ڪمرشل سرگرمي نه ڪئي وڃي، سيڪريٽري معدنيات ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ لاڳاپيل ادارا ان حڪم کي يقيني بڻائن، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ سيڪريٽري معدنيات ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، ايس ايڇ او ننگرپارڪر ذميوار هوندا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جهنگلي جيوت کي حڪم ڏنو هو ته جهنگلي جيوت کاتو گيم سينچري کي بحال ڪري اتان جي جهنگلي جيوت جي تحفظ کي يقيني بڻائي. عدالت ڪارونجهر جبل تي فوري وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو هو، عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو هو ته ڪارونجهر جبل تي موجود تاريخي عبادت گاهن جي حفاظت به يقيني بڻايو وڃي.