ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ٿرڪول انرجي بورڊ ٿرڪول بلاڪ 2 مان 7.6 بجاءِ 11.2 ايم ٽي پي اي ڪوئلو  ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه  نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ٿرڪول انرجي بورڊ جو 26هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ايس ايس آر ايل بلاڪ ون مان 7.8 ايم ٽي پي اي ڪوئلو ڪڍڻ جي منظوري ڏني آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٿر ڪول فيلڊ 9100 ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ هن وقت 12 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن. هر بلاڪ ۾ 2 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا آهن، هر بلاڪ 30 سالن تائين 4000 کان 5000 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٿر ڪول بلاڪ ون تي چيني، بلاڪ 2 تي اينگرو، بلاڪ 3 ۽ 4 تي برطانوي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2015ع ۾ ٿرڪول جو ٽيرف ( اگهه ) 60.32 ڊالر في ٽن هو، جيڪو 2023 ۾ 30.39 ڊالر في ٽن آهي.