ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته ڪراچي 6 کان 13 ڊسمبر 2025ع تائين 35هين نيشنل گيمز جي ميزباني ڪندي. ڪالهه هتي پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن (پي او اي) جي اعليٰ سطح  وفد سان ملاقات ۾ هن چيو ته نيشنل گيمز کي بين الاقوامي معيار مطابق ڪرايو ويندو. هن هدايت ڪئي ته رانديگرن کي تربيت، طبي ۽سفري سهولتون،  جديد انفرا اسٽرڪچر فراهم ڪيو وڃي. هن رانديگرن لاءِ نئين سوئمنگ پول جي تعمير، جديد اليڪٽرانڪ ٽائمنگ ۽ اسڪورنگ سسٽمز جي فراهمي جو اعلان ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت نامي (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون ويون، ان موقعي تي  وڏي وزير چيو ته نوجوان ٽيلنٽ جي تربيت تي ڌيان ڏنو وڃي