ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي عوام کي بهترين سفري سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، ڪالهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اي وي ٽيڪسي رٿا بابت ٿيل اجلاس ۾ ابتدائي طور 100 اي وي ٽيڪسيون روڊ تي آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهرين کي پرسڪون اي وي ٽيڪسي سروس ڏيڻ لاءِ سيڙپڪاري کاتي جو ادارو سنڌ انٽرپرائيز ڊولپمينٽ فنڊ مختلف ڪمپنين کي سبسڊي فراهم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اي وي ٽيڪسي سروس هلي رهي آهي، سنڌ حڪومت به نجي شعبي جي سهڪار سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ  تحت ماحول دوست اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته ماحول دوست اي وي ٽيڪسي ذريعي ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ به مدد ملندي۔ سينيئر وزير چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اي وي پنڪ ٽيڪسي سروس پڻ شروع ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ڊرائيور ۽ مسافر ٻئي صرف عورتون هونديون،  هن چيو ته اي وي ٽيڪسي سروس روزگار جي فراهمي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي، ڇاڪاڻ ته هڪ ٽيڪسي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڊرائيورن جي ضرورت هوندي۔ هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته محفوظ اي وي ٽيڪسي لاءِ ڊرائيورن جي مناسب تربيت، سندن ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ ۽ پوليس تصديق کي يقيني بڻايو وڃي.