ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزيرناصر شاهه اسلام ڪوٽ ۾ هلندڙ ڌرڻي جو نوٽيس ورتو، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اسلام ڪوٽ جي مقامي رهواسين جي مطالبن تي فوري عملدرآمد ڪيو ويندو، ٿر ۾ ڪم ڪندڙ پرائيويٽ ڪمپنيون نوڪرين جي حوالي سان پهرين ترجيح مقامي ماڻهن کي ڏين،  ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ واٽر فلٽر پلانٽ لڳايا ويندا، انهي لاءِ پرائيويٽ ڪمپنيون حڪومت سان ڪيل معاهدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين، ھن وارننگ ڏني ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته ٿر جي  مقامي ماڻهن کي يقين ڏياريو وڃي ٿو ته ٿر ڪول سبب ڪنهن به ماڻهو کي بيروزگار نه ڪيو ويندو ـ واضح رھي ته ٿر ڪول جي بلاڪ ٽو ۾ ايندڙ ڳوٺاڻن پاران ڪمپنين خلاف مظاھرا ڪيا ويا ھئا.