ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ 16 مئي کان ڪراچي، سکر، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ يوٿ سٽيزن جرنلزم ۽ يوٿ ايمرجنگ اسٽار پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته صوبي جي سمورين ڊويزنن ۾ ڪيپيسٽي بلڊنگ ۽ ڊجيٽل اسڪل ٽريننگ پروگرام به هلندڙ مهيني کان شروع ڪيا ويندا. ان حوالي سان راندين واري وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته يوٿ سٽيزن جرنلزم پروگرام تحت 18 کان 29 سالن جي نوجوان صحافين کي خاص تربيت ڏني ويندي.