ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته وڪيل برادري جي فلاحي ڪمن تي ڪا به سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي، مختلف بارز ۾ چيڪ ورهائڻ واري  تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وڪيلن کي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت جلد قابل عمل ۽ جامع سفارشن تي ٻڌل مسودو ، حڪومت کي موڪليو وڃي، هن چيو ته سنڌ پوليس لاءِ ڪانسٽيبل کان آفيسر رينڪ تائين صحت جي مد ۾ 2 ملين رپين جي بجيٽ رکيو ويو آهي، منهنجي خواهش آهي ته پوليس جيان وڪيلن لاءِ به اهڙا صحت ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن اهي به بيماري جي فڪر کان آزاد ٿي پنهنجون پيشورانه سرگرميون جاري رکي سگهن. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي، پنهنجي عمل ۽ ڪردار ذريعي انصاف کي مٿانهون ڪرڻو پوندو. هن چيو ته زندگيءَ وانگر نوڪريءَ ۾ به اونڌا سڌا مرحلا ايندا آهن، جن سان ثابت قدميءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو.