ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته  نئين ماھي ۾ 4400 نون استادن جي ڀرتي، 4 نون آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليجز جو قيام، 34 ھزار اسڪولن جي مالي خودمختياري جو عمل شروع ڪيو ويندو، سنڌ ايجوڪيشن انڊوومينٽ فنڊ ذريعي ھزارين حقدار شاگردن کي وظيفا به ڏنا ويندا. ھڪ بيان ۾ هن چيو تھ صحت جي شعبي کي اوليتي بنيادن تي 326.5 ارب جاري ڪيا پيا وڃن، ايس آءِ يو ٽي، پي پي ايچ آءِ، اين آءِ سي وي ڊي ۽ چائلڊ ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي توسيع ۽ ايمبولينس سروسز کي اپگريڊ ڪرڻ حڪومت جي پھرين اوليت آھن هن چيو ته وڌيڪ 100 اي وي بسون آگسٽ تائين روڊن تي آنديون وينديون. بينظير ھاري ڪارڊ تحت 2 لک ھارين کي سبسڊي جي فراھمي جو عمل بھ مرحليوار شروع ڪيو پيو وڃي.