ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وقتي چيف سيڪريٽري بقاالله انڙ اکين کان محروم معذورن کي نوڪرين جي مختص ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. ڪالهه معذورن (نابينن) جي رياض ميمڻ، اختيار مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفد وقتي چيف سيڪريٽري بقاالله انڙ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري مطالبو ڪيو ته سرڪاري نوڪرين ۾ معذورن جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل ڪرايو وڃي، چيف سيڪريٽري کين انهي مطالبي تي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. چيف سيڪريٽري چيو ته لاڙڪاڻي ۾ نابينن لاءِ قائم ٿيل ووڪيشنل سينٽر لاءِ گاڏي فراهم ڪئي ويندي.