ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ رڳو عورتن لاءِ پنڪ (گلابي) پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان، ان حوالي سان ڪالهه ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو ته پهرين فيبروري کان پنڪ بس شروع ڪئي ويندي،  پنڪ بس جي پهرين روٽ لاءِ ماڊل ڪالوني، شاهراهه فيصل کان ٽاور جي چونڊ ڪئي وئي آهي، بس آفيس جي وقت تي صبح ۽ شام جو هر 20 منٽن کانپوءِ هلندي، جڏهن ته آفيس کانپوءِ معمول جي وقت ۾ هر ڪلاڪ کانپوءِ پنڪ بس سروس هلندي، صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي عوام سان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي آپريشنز ۽ ڪراچي جي روٽس 6،5،4 ۽ 7 جي شروعات جو پڻ جائزو ورتو ويو. صوبائي وزير هدايت ڏني ته سکر ۾ 29 جنوري تي پيپلز بس سروس جي آپريشنز جي شروعات ڪئي وڃي.