سنڌ سرڪار پاران سوشل ميڊيا جو غلط استعال روڪڻ لاءِ يونٽ قائم: ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان کان مدد طلب

0
16
سنڌ سرڪار پاران سوشل ميڊيا جو غلط استعال روڪڻ لاءِ يونٽ قائم: ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان کان مدد طلب
سنڌ سرڪار پاران سوشل ميڊيا جو غلط استعال روڪڻ لاءِ يونٽ قائم: ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان کان مدد طلب

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ سرڪار پاران ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان حڪومتن کان سهڪار وٺڻ ۽ صوبي ۾ رهندڙ غير قانوني افغانين کي تڙڻ جو فيصلو:  سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي يونٽ  قائم  ڪرڻ ۽ انتها پسندي جي روڪٿام لاءِ “سينٽر فار ايڪسلينس آن ڪائونٽرنگ وائلنٽ ايڪسٽريمزم” قائم ڪرڻ جي منظوري، ڪالهه  ايپيڪس ڪاميٽي جي 32 هين اجلاس ۾ وڏي وزير مراد شاهه  ڪراچي ۾ ٿيندڙ روڊ حادثن ۽ ٽينڪرن ۽ ڊمپرن کي باھ ڏيڻ وارن  واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پوليس کي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڊمپرز ۽ ٽرڪن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي هن ٽينڪرن کي باھيون  ڏيندڙ کي گرفتار ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت 2023-24 ۾ غير قانوني افغانين جي واپسي واري پلان جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري چڪي آهي، جنهن دوران 85916 افغانين کي واپس موڪليو ويو. صوبي ۾  29926 اي سي سي  هولڊرز آهن ، جن مان 479 افغانين کي تڙيو ويو آهي، انهي مقصد لاءِ ڪياماڙي ۽ جيڪب آباد ۾ ٽرانزٽ پوائنٽس تي آپريشنز لاءِ 200 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سوشل ميڊيا تي فردن جي حقن جي تحفظ لاءِ پيڪا قانون تحت سوشل ميڊيا پروٽيڪشن ۽ ريگوليٽري اٿارٽي  ٺاهي وئي آهي، انهي اٿارٽي کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي غير قانوني يا اڻوڻندڙ مواد کي ريگيوليٽ ڪرڻ، انهن پليٽ فارمز جي رجسٽريشن کي منظم ڪرڻ، انهن کي جزوي يا مڪمل طور تي بلاڪ ڪرڻ ۽ مواد جي معيار بابت هدايتون جاري ڪرڻ جا اختيار هوندا، اٿارٽي لاڳاپيلن عملدارن کي غير قانوني يا اڻوڻندڙ مواد کي بلاڪ يا هٽائڻ جي هدايت پڻ ڏئي سگهي ٿي. اجلاس ۾ گهرو کاتي تشدد پسندي ۽ دهشت گردي خلاف جنگ لاءِ”سنڌ سينٽر فار ايڪسلينس آن ڪائونٽرنگ وائلنٽ ايڪسٽريمزم ايڪٽ 2025″ جو مسودو پيش ڪيو . وڏي وزير گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڏني ته هو ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ اهو مسودو پيش ڪري. اهو سينٽر تشدد پسندي خلاف تحقيق، پاليسي سازي ۽ حڪمت عملين تي ڌيان ڏيندو. اهو مالياتي ايڪشن ٽاسڪ فورس ( ايف اي ٽي ايف ) کي دهشت گردي لاءِ ٿيندڙ فنڊنگ جي تحقيق ۾ مدد ڏيندو، جڏهن ته اهو سينٽر آن لائين انتها پسندي، نفرت انگيز تقريرن، غلط معلومات ۽ نوجوانن ۾ ڏوهن جي روڪٿام تي ڪم ڪندو. وڏي وزير اپر سنڌ ۾ ڌاڙيلن واري  مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته  سنڌ حڪومت پنجاب ۽ بلوچستان سان گڏجي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشنن جي رٿابندي ڪري رهي آهي ته جيئن اهي سرحد پار ڪري نه سگهن . گهرو کاتي  پنجاب ۽ بلوچستان جي گهرو کاتن کي ايپيڪس ڪاميٽي جي فيصلن کان آگاهه ڪيو آهي. گڏيل سهڪار لاءِ سرحدي ضلعن ۾ هڪ ميٽنگ طئه  ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي ته جيئن عملي ماحول جو سڌو جائزو وٺي سگهجي ۽ حڪمت عمليون بھتر بڻائي سگهجن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دهشت گردي جي ڪيسن جي پيروي تي زور ڏيندي انتها پسندن خلاف “زيرو ٽالرنس” جو اعلان ڪيو. هن نيشنل ايڪشن پلان جي اهم حصي ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ ( سي ٽي ڊي )کي مضبوط بڻائڻ، ميڊيا ۾ دهشت گردي جو مقابلو، دهشت گردي جي فنڊنگ کي روڪڻ، مذهبي مدرسن جو ريگيوليشن، ۽ فوجداري انصاف جي نظام ۾ سڌارن تي زور ڏنو، آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڪراچي ۾  چوري ٿيل موبائيل فونن جي ڪاروبار بابت  ٻڌايوته ايس ايس پيز  موبائل ڊيلر  ايسوسيئشنن سان ميٽنگون ڪن پيا، هاڻ  ڪو به فون بنا رجسٽريشن / داخلا جي وڪور يا خريد ٿي نه سگهندو، چورايل گاڏين جا پزرا وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي هلي پئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سوشل ميڊياجي غلط استعمال جي روڪٿام لاءِ گهرو کاتي ۾ هڪ خاص يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن کي پي ٽي اي ، ايف آءِ اي ۽ پوليس جو سهڪار حاصل هوندوگهروکاتي پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت فوجداري قانون ترميمن کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي، جيڪي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون. ڪائونٽر ٽيررزم جي ڪيسن بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته  2025 ۾ ٽوٽل 23 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 7 ڪيس چالان ٿي چڪا آهن، 4 ڪيسن ۾ سزائون ٿي چڪيون آهن. 2024 ۾ رڳو ٻه ڪيسن ۾ سزائون ٿيون هيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت 31 ماڊل ٿاڻن جي  مرمت آرائش لاءِ 280 ملين رپيا رکيا آهن، جن مان 10 ٿاڻن جي مرمت ٿي چڪي آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته  9 جنوري 2024 کان قلم 144 ذريعي هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سي پيڪ ۽ غير سي پيڪ منصوبن ۾ شامل چينين کي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ فوج، رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور پاران سيڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي. اجلاس  کي ٻڌايو ويو ته حب چيڪ پوسٽ جي قيام لاءِ 214 ملين رپيا رکيا آهن، في الحال زمين جي ڳولا ۽ قيمت جو ڪاٿو لڳايو پيو  وڃي. اها چيڪ پوسٽ مختلف ايجنيسين جي سهڪار سان ڪم ڪندي ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس هوندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يو اين او ڊي سي ءِ  آءِ اين ايل جي فني مدد سان ايڪسائيز کاتي۾  فيوزن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ ڪٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽينس ايڪٽ 2024 کي لاڳو ڪرڻ لاءِ اهم رستن تي چيڪ پوائنٽس قائم ڪيون آهن جڏهن ته ٽول پلازائن تي سڃاڻپ ٽيڪنالاجي لڳائي ۽ ريپڊ رسپانس فورسز تعينات ڪيا ويا آهن.