ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار جو وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ بچت بازارون لڳايون آهن، انهن بازارن ۾ عام واھپي جون شيون گهٽ قيمت تي ميسر هونديون، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت بچت بازارن جي شفافيت ۽ انتظامي نگراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا آهن. هر بازار ۾ سرڪاري عملدار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن قيمتن تي نظر رکي سگهجي، هن واضح ڪيو ته منافعي خوري ۽ بدانتظامي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو،