ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار بس کانپوءِ ٽيڪسي سروس به آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ ٽرانسپورٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، پهريان پيپلز بس سروس شروع ڪئي هئي، هاڻ ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرين، ريڊ ۽ اليڪٽرڪ بسون آنديون ويون آهن، مئي جي آخر ۽ جون ۾ وڌيڪ نيون بسون آنديون وينديون، صوبائي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪٿي به سرڪاري ٽيڪسيون نٿيون هلن، اسان سنڌ ۾ ٽيڪسيون شروع ڪري رهيا آهيون جنهن سان نوجوانن کي روزگار ملندو، عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته خان صاحب اوهان جبري عليحدگي جي ڳالهه ڪريو ٿا. اسان جبري شموليت ڏٺي آهي. هن چيو ته عمران خان پاڻ جبري ليڊر ٿيو هو، سياستدانن جا جهاز ڀري پي ٽي آءِ کي ڏنا ويا هئا عوام اهو ناهي وساريو ته عمران کي مصنوعي سياستدان بڻايو ويو