ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت جو ڪامورن جي ملڪيتن جي جاچ لاءِ وڏو فيصلو، اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ 17هين کان 22هين گريڊ تائين جي صوبائي ۽ وفاقي سروس جي آفيسرن جون ترقيون روڪڻ واري پاليسي قائم، سروسز کاتي جي اختيارين پاران 17هين کان 22هين گريڊ جي ڪامورن جون ترقيون روڪڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين کي خط لکي پابند بڻايو ويو آهي ته جيڪي ڪامورا اثاثن جا تفصيل جمع نه ٿا ڪرائين انهن کي ترقيون نه ڏنيون وڃن. ان حوالي ان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ حڪومت پاران ملڪيتن جا تفصيل نه جمع ڪرائيندڙ وفاقي سروس پي اي ايس، صوبائي سروس ايڪس پي سي ايس، پوليس آفيسرن ۽ نان ڪيڊر آفيسرن، انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن جون ترقيون روڪڻ جو سخت فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي ان سروسز کاتي جي اختيارين پاران سنڌ جي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سمورن کاتن جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽريز، آءِ جي سنڌ، سيڪريٽري سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، سيڪريٽري تعليم، صحت، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي چيئرمين، اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين، مڪاني ادارن واري کاتي، ورڪس اينڊ سروس، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز، ناڻي کاتي توڙي ٻين سمورن کاتن جي سيڪريٽرين کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته هن وقت تائين 17هين کان 22هين گريڊ تائين جي سنڌ ۾ مقرر وفاقي توڙي صوبائي سروسز ۽ نان ڪيڊر آفيسرن ۽ انجنيئرن توڙي ڊاڪٽرن ملڪيتن جا تفصيل سروسز کاتي جي لاڳاپيل شعبي ۾ جمع ناهن ڪرايا انهن آفيسرن جون ترقيون روڪيون وڃن. ان حوالي سان سروسز کاتي جي اختيارين پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ جي هدايتن کان پوءِ سمورن کاتن جي سيڪريٽرين ۽ پوليس اختيارين کي لکيل خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته اهڙن آفيسرن جي ترقين جي لاءِ سندن پروموشن ڪيس به سروسز کاتي جي ونگ ڏانهن نه اماڻيا وڃن. خط ۾ لکيو ويو آهي ته اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ آفيسرن کي پابند بڻايو وڃي ته هُو ترقيون ماڻڻ کان اڳ هر صورت ۾ پنهنجي ملڪيتن جا سمورا تفصيل سرڪاري رڪارڊ ۾ جمع ڪرائين، ان کان پوءِ ئي سندن ترقين وارا پروپوزل اڳتي وڌايا ويندا.
سنڌ سرڪار جي حڪم کي 90 سيڪڙو آفيسرن ٿڏي ڇڏيو
ڪراچي: سنڌ حڪومت جي 4 مهينا اڳ لکيل خط تي آفيسرن عمل نه ڪيو، 90 سيڪرڙو کان وڌيڪ آفيسرن سرڪاري حڪمن کي ٿُڏي پنهنجي اثاثن جا تفصيل ئي جمع نه ڪرايا آهن! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته چيف سيڪريٽري جي حڪمن بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران اثاثن جا تفصيل نه جمع ڪرائيندڙن کي 19 جولائي 2024 ع تي خط لکي تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. پر 4 مهينا گذري وڃڻ جي باوجود به 90 سيڪڙو صوبائي توڙي سنڌ ۾ مقرر ٿيل وفاقي سروسز جي آفيسرن ۽ انجنيئرن توڙي ڊاڪٽرن پاران سرڪاري حڪمن جي لتاڙ ڪندي پنهنجي اثاثن جا تفصيل حڪومت حوالي نه ڪيا ويا آهن. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت پاران سندن ترقيون روڪي اثاثن جا تفصيل هٿ ڪرڻ جو پلان جوڙيو آهي.-
|
سروسز کاتو ٽن سالن جي ڪوشش باوجود آفيسرن جا تفصيل جمع ڪرڻ ۾ ناڪام
ڪراچي: سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن پاران اڳوڻي چيف سيڪريٽري جي دور ۾ سمورن کاتن کي پابند بڻايو هو ته 17هين کان مٿي گريڊن جي آفيسرن جي ڀرتين کان وٺي موجوده پوزيشن تائين سمورا تفصيل حوالي ڪيا وڃن، خط ۾ کين چيو ويو هو ته ڪهڙو آفيسر ڪٿي ڪٿي پوسٽنگ تي رهيو ۽ ڪهڙي جوازن سبب کين هٽايو ويو، مٿن ڪرپشن جا ڪهڙا ۽ ڪهڙي اداري ۾ ڪيس ۽ انڪوائريون هلن پيون؟ مليل ڄاڻ موجب ته 3 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين سروسز کاتي کي اهي تفصيل به ڪٿان نه ملي سگھيا آهن.