سنڌ سرڪار وفاق ۽ آءِ ايم ايف کان زرعي شعبي تي وڌيڪ ٽيڪس نه لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
23
صوبن ۾ نئين نوڪرين تي پابندي، بجلي ۽ گيس سبسڊي ختم، خرچ گهٽائڻ جي لکت ۾ ضمانت: آءِ ايم ايف جا نوان شرط
صوبن ۾ نئين نوڪرين تي پابندي، بجلي ۽ گيس سبسڊي ختم، خرچ گهٽائڻ جي لکت ۾ ضمانت: آءِ ايم ايف جا نوان شرط

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران وفاق ۽ آءِ ايم ايف کان زرعي شعبي تي وڌيڪ ٽيڪس نه لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران ڀاڻ، اسپري ۽ زرعي اوزارن تي 18 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ واڌ جي مطالبن کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو اهو غير منصفاڻو ۽ هاري دشمن مطالبو ملڪ جي زرعي شعبي ۽ هارين لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندو، آءِ ايم ايف زرعي شعبي تي وڌيڪ نوان ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز کان پاسو ڪري. هن چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جو هاري اڳ ۾ ئي موسمياتي تبديلين، پاڻي جي کوٽ ۽ پنهنجين فصلن جي گهٽ قيمتن سبب بدحالي جو شڪار آهي. هن چيو ته نون ٽيڪسن سان زرعي پيداوار جي لاڳت ۾ وڏو اضافو ٿيندو، جيڪو آخرڪار غذائي تحفظ کي خطري ۾ وجهندو ۽ ان سان ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪ نئون طوفان ايندو. محمد بخش مهر پاران وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هو آءِ ايم ايف کي قائل ڪري ۽ کين زرعي شعبي جي اهميت کان آگاهه ڪري. هن واضح ڪيو ته ”آءِ ايم ايف جو اهو مطالبو هارين ۾ سخت بيچيني پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ اسان اهڙي ڪنهن به تجويز جي ڀرپور مخالفت ڪريون ٿا.