حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (واسا) جي ملازمن جي 10 مهينن اجي پگهارن ۽ پينشن جي ادائگي لاءِ واسا کي ساڍا 17 ڪروڙ رپين جا چيڪ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ سي بي اي يونين ايڇ ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري انصاف علي لاشاري جو چوڻ آهي ته 2200 ڪچا، 450 پڪا ملازم ۽ آفيسر جڏهن ته هڪ هزار پينشنرز 10 مهينن جي پگهارن کان محروم هجڻ سبب انهن ڪجهه ڏينهن اڳ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو ۽ صوبائي وزير ڄام خان شورو سان ملاقات ڪري ملازمن جي معاشي پريشاني کان آگاهه ڪيو جن جلد پگهارن جي مد ۾ سنڌ حڪومت کان پئسا جاري ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت جي ناڻي کاتي ٻن ڌار ڌار چيڪن جي صورت ۾ ساڍا 17 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته ان رقم ۾ واسا جي ماهوار ٿيندڙ آمدني مان پئسا ملائي سمورن ملازمن کي ٻن مهينن جي پگهار ۽ پينشن ادا ڪرڻ جو چيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته رهيل پگهارن جي سلسلي ۾ به صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو سمريون سنڌ حڪومت کي موڪليون آهن. اميد آهي ته جلد اهي سمريون منظور ٿي وينديون جنهن کانپوءِ واسا جي ملازمن کي رهتون ادا ٿي سگهنديون.