اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، رجسٽرار آفيس پاران اعتراض لڳائيندي درخواست واپس ڪئي وئي هئي، ڪالهه اعتراض ختم ڪري ٻيهر ٻه درخواستون داخل ڪيون ويون، رجسٽرار آفيس پاران درخواستن کي نمبر الاٽ ڪيا ويا، درخواست هاڻ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿينديون، هڪ درخواست ۾ منور علي ۽ ٻي درخواست ۾ شنڪر کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ 19 آڪٽوبر تي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو، ان حڪم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، درخواست ۾ چيو ويو ته عدالتي فيصلي سان محسوس ٿئي ٿو ته اهو فيصلو سنڌ سرڪار جي دائري ڪار ۾ مداخلت آهي.