ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صنعتن واري کاتي جي سيڪريٽري کي آخرڪار هوش اچي ويو، سائيٽ جي سيڪريٽري افضال شر کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، 5 عملدار معطل، هڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي صنعتن واري کاتي جي سيڪريٽري پاران ناقص ڪارڪردگي جي بنياد تي سائيٽ جي سيڪريٽري افضال شر کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏھن ته ڊسپيج سيڪشن جي انچارج مزمل، ڊپٽي چيف انجنيئر سيف الله خان، چيف سيڪيورٽي آفيسر علي گل چانڊيو، اسسٽنٽ انجنيئر ڪامل جعفري، ايڊمنسٽريشن جي ڊائريڪٽر ذيشان علوي کي معطل ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح ڊپٽي چيف ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل نظير جتوئي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته صنعتن واري وزير پاران سائيٽ جو دورو ڪرڻ وقت ميگا ڊولپمينٽ پروجيڪٽس، اي ڊي پي ۽ ايس ڊي پي اسڪيمن توڙص واٽر سپلائي اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو هو جنهن ۾ ڄاڻايل آفيسرن ۽ عملدارن جي ناقص ڪارڪردگي سامهون اچڻ بعد سيڪريٽري انڊسٽري کين عهدن تان هٽائڻ، معطل ڪرڻ ۽ شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.