ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن ۾ باٿ آءِ لينڊ روڊ تي تاريخي ورثو قرار ڏنل عمارت ( بنگلو) ڊاهڻ واري واقعي جو چيف سيڪريٽري نوٽيس ورتو، آثار قديمه واري کاتي ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين کي معاملي جي 72 ڪلاڪن اندر انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته انڪوائري ٽيم سان سهڪار ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري چيو آهي ته تاريخي ورثي وارين عمارتن کي ڊاهڻ وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته تاريخي ورثو قرار ڏنل سمورين عمارتن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.