ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم )سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واپڊا کان ڪراچي شهر لاءِ حب ڊيم مان روزانو 50 ملين گيلن اضافي پاڻي گهري ورتو. ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني سان ملاقات دوران آر بي او ڊي سميت مختلف منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي پاڻي فراهمي وڌائڻ لاءِ حب ڪئنال سان گڏ نئون ڪئنال ٺاهي رهي آهي. هن ڪراچي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حب ڊيم مان روزانو 50 ملين گيلن اضافي پاڻي ڏيڻ تي زور ڏنو. جنهن تي واپڊا چيئرمين وراڻيو ته واٽر بورڊ واڌو پاڻي لاءِ واپڊا کي لکت ۾ درخواست ڏئي، جنهن تي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. واپڊا چيئرمين ملاقات ۾ ٻڌايو ته حب ڪئنال جي مرمت جي مد ۾ واپڊا جا واٽر بورڊ تي هڪ ارب رپيا رهيل آهن، جنهن تي وڏي وزير چيو ته سنڌحڪومت واپڊا جي رهتن وارو مسئلو حل ڪندي. وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني کي رهتن بابت سمري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪندڙ ميگا پراجيڪٽ ڪي فور (فيز 1) جا ڪراچي ۾ پپري، نيڪ ۽ منگھوپير پوا ئنٽ هوندا، اهو منصوبو جون 2026ع ۾ مڪمل ٿيندو، رٿا لاءِ 50 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي ۽ گهربل زمين جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جنهن تي واپڊا چيئرمين چيو ته رٿا تي 8 قومي ۽ عالمي ڪانٽريڪٽرز ڪم ڪن پيا، هن وقت 53 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي حصي مان 8 ارب رپيا جاري ڪرڻ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، وڏي وزير مڪاني وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ حڪومت پاران ڪي 4 لاءِ رقم جاري ڪرڻ لاءِ سمري تيار ڪري. ملاقات ۾ وڏي وزير ۽ واپڊا چيئرمين وفاقي فنڊن سان تعمير ٿيندڙ آر بي او ڊي فيز ون ۽ 3 تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آر بي او ڊي-1 سال 2020ع ۽ آر بي او ڊي-3 سال 2021ع ۾ مڪمل ٿيا، اهي منصوبا سنڌ آبپاشي کاتي حوالي ٿيڻا هئا پر واپڊ پاران نقصان جي اوڳاڙي ۽ قرضن جي تڪرارن سبب اهي منصوبا سنڌ حڪومت حوالي نه ڪيا ويا. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته 2022ع جي ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت آر بي او ڊي جي بحالي ۽ مرمت تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا، جنهن تي وڏي وزير چيو ته واپڊا اها رقم صوبائي حڪومت کي ادا ڪري. ملاقات ۾ وڏي وزير ۽ واپڊا چيئرمين آر بي اوڊي مامري تي آبپاشي کاتي ۽ واپڊا ماهرن جي ڪاميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. ڪاميٽي اها رٿا سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ لاءِ سفارشون ڏيندي، هوڏانهن سکيا وٺندڙ اي ايس پيز جي وفد سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو ته سنڌ پوليس کي جديد ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل فورس ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته جيئن عوام جي حفاظت کي بهتر ڪيو وڃي ، هن چيو ته سنڌ پوليس ۾ 162000 اهلڪارآهن.