سنڌ سان درد جو رشتو

0
42
سنڌ سان درد جو رشتو

 سنڌ اها غريب آهي جنھن جو کٽيو ڌوتا کائيندا رهيا آهن، سنڌ جي حقن تي ڌاڙا دراصل ان لاءِ به لڳندا رهيا آهن ته سنڌ جا وارث گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آهن، اڪثريت ۾ سنڌ جي زمين سائي آهي، سنڌ ۾ ڪھڙي قدرت جي نعمت ناهي رهي؟ سنڌ ۾ محنت ڪش مارو به آهن ته جرئتمند ٻاگهيون ۽ مارئيون به آهن، سنڌ جي سائي ُڪک ڪڏهن به سڃ جو سنديش ناهي ٿيڻي، عارضي طور جيڪا مصيبت مٿان آئي آهي ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ سان ايئن ڇو ٿيو يا ڇو ڪيو ويو آهي؟ سنڌ ته اها سنڌ آهي جنھن جي عشق ۾ قلندر هلي به آيا آهن،

                 جنھن لاءِ عالم سڀ آباد جهڙي شانائتي دعا ڀٽ ڌڻي گهري آهي. سنڌ کي ڌوڏيو ويو، لوڏيو ويو، ٻوڙيو ويو، ساڙيو ويو پر پوءِ به سنڌ ساڳي پڪار ۽ همٿ سان پنھنجو وجود قائم رکندي آئي آهي. هن وقت اڪثر ڪري چوندڙ اهو چئي رهيا آهن ته سنڌي ماڻھن تي قدرتي آفت آئي آهي اهو سنڌي قوم جي اعمالن جو نتيجو آهي، ھاڻي چوڻ وارن کي جيڪڏهن ڪن آهن ته ٻڌن، ڇو ته هڪ سوال ضرور اڀري ٿو سنڌي ماڻھن وٽ بيشڪ خالي هٿ آهن پر انھن جي دلين مان احساس اڀري عام ٿيندو آهي، ڇا سنڌي قوم ڪنھن به ٻئي صوبي يا ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ وڃي ڪو ڌاڙو هنيو آهي؟

سنڌي قوم کي جن  تباھه ڪيو آهي انھن تي قدرت جي آفت ۽ ڏمر نازل ڇو ڪونه ٿيو آهي؟ جيڪڏهن هفتو بارش وسي آهي ته پوءِ باقي واهن ۽ سم نالن کي ڪٽ ڪنهن ڏنا، ڪنھن به ڪاموري جي ٻني فصل ۽ بنگلي کي نقصان ڇو ناهي پهتو؟ ڇا قدرت کي انھن انسانن سان دشمني هئي جن جي ڳالھه لطيف سائين ڪئي آهي ته“آڻين ۽ چاڙهئين ڏٿ ڏهاڙي سومرا.” بيشڪ هن وقت جيڪو ڪجھه به سنڌ سان ٿيو آهي ۽ سنڌ ڀوڳي رهي آهي ان جو فطري نتيجو انتھائي خطرناڪ ثابت ٿيڻ وارو آهي،ھاڻي دور مٽجي چڪو آهي، بيماري ۽ موت جو ڪارڻ اڄ جو انسان بخوبي ڄاڻي چڪو آهي، هٿ سان لڳايل ڪٽ جن سبب سنڌ ساري ٻڏي وئي آهي وري مٿان حڪمرانن جي سوچ ته پرڏيهي ملڪن مان ان بھاني پني ورتو آهي هاڻي هٿ سان بي گهر ڪيل سنڌين کي انھن ڳوٺن طرف موٽايو وڃي جتي انھن جا ٻچا لڙهي ويا گهر پٽ ٿي ويا ۽ فصلن جون تباهه ٿي ويا. سنڌ حڪومت جي اھڙي ڪڌي سوچ تي هاڻي ته افسوس به نه ٿو ٿئي.

ڪراچي کان ٻوڏ متاثرن جي ڪوچ جڏهن خيرپور ناٿن شاھه لاءِ نڪتي هئي ته رستي ۾ اوچتو ڪوچ کي باھه لڳي وئي جنھن مغيري خاندان مان ڪوئي هڪ فرد به نه بچيو، ان ڪوچ ۾ سوار مغيري خاندان جي من ۾ ڪھڙي ڳالھه هئي ڪھڙي ڳڻتي هئي حڪمرانن توڻي عام ماڻھو وٽ ان ڳالھه جو احساس ناهي، پر هڪ حساس دل ٻڏل ۽ سڙيل خاندان جي ڪيفيت کي ضرور محسوس ڪري سگهي ٿي ته جڏهن ڪراچي کان ڳوٺ وڃڻ لاءِ زبردستي تڙي ڪڍيل خاندان جي دلين ۾ صرف اهو ئي احساس رهيو هوندو ته خدا ڪري، ڳوٺ مان پاڻي سرڪار نيڪال ڪرايو هجي، خدا ڪري اهڙا رستا کلي پون جو محنت مزدوري ڪري پيٽ کي بکون ڏئي ٻيھر ڪچا گهرڙا جوڙائي سگهون، خدا ڪري ڳوٺ مان پاڻي مڪمل ُسڪي ويو هجي، خدا ڪري، قبرستان ۾ پاڻي نه هجي متان ڪوئي مري پوي ته پورڻ  مسئلو ٿيندو، سرڪار پاران شھيد ڪيل خاندان جي هر دل ۾ اهي ئي خيال پلي هلي رهيا هئا ته اوچتو اکين اڳيان آڳ قيامت کڻي ڪڙڪي، تڏهن انھن انسانن انھن مسڪينن مجبورن دانھون ڪيون هونديون ياحسين بچايو…. ٻيلي آهي…. منھنجو ٻچو….. ……هي هي….. او امان!

او امان سڄي گاڏي کي باھه وڪوڙي وئي، جڏهن لاشا ڪڍڻ لاءِ آرام سان اداري طرفان رکيل ملازم پڳا انھن ڏٺو ته هڪ ماءُ پنھنجي پٽ کي بچائڻ لاءِ ڀاڪر پائڻ کان پوءِ اهڙي ته ممتا جي گواهي ڏني جو بيشڪ مڃڻو پيو . هڪ پورو خاندان سڙي فوت ڇو ٿيو؟ اهو ان  لاءِ ته رت جا رشتا هئا هر هڪ پنھنجن کي بچائيندي ڇار کان پوءِ خاڪ ٿي ويو آهي، اها هوندي آهي رت جي ڳالھه ۽ رت ئي رت تي ورندو آهي. سنڌ جي ڳالھه ڪنداسين ته سنڌ قياس جي ماءُ آهي سنڌ ڏکن جي ماءُ آهي، سنڌ کان ڪنھن کي به تڪليف نه پھتي هوندي، سنڌ ته سرمست جي ڌرتي آهي، سنڌ يڪتاري کان وٺي تنبوري جي تار تائين آهي، موجوده ماپي ۾ سنڌ ته ڪراچي کان ڪشمور تائين حساس رهي آهي. سنڌ اها سنڌ آهي جنھن لاءِ يزيد کي حضرت امام حسين عليه السلام چيو ته  مان سنڌ وڃان. سنڌ ته اها سنڌ آهي جنھن لاءِ پاڻ ڪريم صلى الله عليه وسلم فرمايو ته مونکي سنڌ طرف کان ٿڌي هير پئي اچي، ھاڻي گگدام قوم کي ڇڏي  اهو سوچيو ته سنڌ هڪ فطري خطو آهي ۽ فطري هميشه بي عيب رهي ۽ فطرت پنھنجي رستي آيل هر هستي هر طاقت ناس و نابود ڪري ڇڏيندي آهي. هاڻي پيٽ پوڄاري سياستدانن کي ايترو سمجهڻ گهرجي ته فطرت جي آئين کي هو ڇا ڏئي سگهندا؟ زميني ۽ انساني ڪورٽون ته پئسن عيوض کين باعزت بري ڪري رهيون آهن، ڇو جو انساني لالچ ڪمزور ۽ هيڻي آهي، جو موجوده سياسي صورتحال اگهاڙي ٿي پئي آهي هر ووٽر ڄاڻي چڪو آهي ته پئسو ڏئي اهي چونڊيا وڃن ٿا ۽ اسان جي ووٽ جي ڪائي قيمت ناهي، تڏهن ته اسان کي هٿ سان واڙيو، ساڙيو ۽ ٻوڙيو وڃي ٿو، اڄڪلهھ سوشل ميڊيا آهي جنھن جي ڪارڻ هن ملڪ جي سياستدانن جي پت وائکي ٿي وئي آهي. هن سال چار ڊسمبر تي سنڌي ايڪتا ۽ ثقافت جو ڏهاڙو ملھائڻ لاءِ ان پروگرام جي باني علي قاضي صاف چيو آهي ته هن سال ايڪتا جو ڏينھن  ٻڏل، سڙيل ۽ بي گهر مسڪين ماروئڙن سان گڏ ملهايو وڃي، چار ڊسمبر پنھنجي اخبار ۽ چينل ٽائيم نيوز طرفان ايڪتا ڏهاڙي جو عنوان ئي اهو آهي ته“سنڌ سان درَد جو رشتو”. جيڪڏهن درد جي ڳالھه آھي ته ٿورو درد تي ڳالھائجي درُد تڏهن ظاهر ٿيو جڏهن ،ڪنھن فقير فرمايو ،مارو! َمٽ ملير جا، سارا پرکياسون ،سوکي ڀانئين سڀ ڪو، اوکي تون ئي تون، مولا مٿان مون، ُٻڙو  لاهه م ٻاجهھ جو. بيشڪ جڏهن رت، توڻي روح جا رشتا وڃي بچيا هئا، تڏهن هن ڪائنات ۾ اونداھ جي بادشاهي برپا ٿي وئي هئي، ڪوئي به احساس جو دُر کولڻ لاءِ تيار ڪو نه هو، مصيبتن جو ماريل مسافر، واجھائي رهيو هو، تنبوري جو ۽ يڪتاري جو وجود ڪو نه ٿيو هو، سڌ سماءَ لھڻ وارو ڪوئي ڪو نه هو، اڀ ۾ چنڊ ۽ ستارا اهي ستارا جيڪي سائنسي طور سج جو وجود،وڃائي ستارا ٿي پيا هئا، اهي ستارا ۽ چنڊ بي مقصد هو پر سنڌو جو سفر پوءِ به جاري هو، ڇو جو فطرت جو ڦلو فطرت جو  پاڇو رهيو ئي رهيو آهي تڏهن کان درَد جو وجود آهي، درد ته روح کي چھنڊي آهي، درُد ته دل کي بادشاھه ۽ ڪمزور ڪندڙ آهي درُد ته جوڳي فقير آهي درُد ته فطري بادشاھه آهي، خبر ناهي ته ڇو علي قاضي اهو فيصلو ڪري ڪري عنوان رکيو؟ سنڌ سان درَد جو رشتو ناتو آهي؟ درُد واقعي به درُد آهي ڇو جو فطري آئيني ۾  درُد، درُد ئي رهيو آهي، درُد ڪڏهن به منافق جي پاڙي، ڳوٺ، شھر يا ملڪ ۾ پنھنجو چهرو ناهي وڃائي سگهيو، درُد اندر دل جو آواز آهي ۽ اندر دل ته فطرت جي گواھه رهي آهي.