ٽنڊوڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۾ ضم ٿيل ملازمن جو بدلين ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف ٽنڊوجام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سنڌ حڪومت پاران لاڙڪاڻو يونيورسٽي قائم ڪري زيد اي ڀٽو ڪاليج کي لاڙڪاڻي يونيورسٽي ۾ ضم ڪيو هو، جنهن بعد استاد ۽ ملازمن جو وڏو انگ ڪاليج کان لاڙڪاڻي يونيورسٽي ۾ ضم ٿي ويو هيو،  بدلي ڪيل اٺن ملازمن پاران لاڙڪاڻي يونيورسٽي ۾ وڃڻ کان انڪار به ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي ادارن ۾ ڊيوٽي نه ڪرڻ سبب اڳوڻي ڪاليج جي 8 ملازمن جي 10 مھينن کان پگھارون بند پيل آهن، ان حوالي سان لاڙڪاڻو يونيورسٽي ۾ ضم خلاف معصوم ٻارن سوڌو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ملازمن جو اسڪولي ڊريس پھريل معصوم ٻارڙن سميت ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳوڻي سليم لانگها، حيدر جوڻيجو، ستار مشهوري ۽ ٻين ڪئي.