عمرڪوٽ(رپورٽر) سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي انتظاميا پاران يونيورسٽي سب ڪئمپس ۾ پڙهندڙ شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين پنهنجا نواز پاليسي خلاف هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن سڪندر کوسو يوسف منڱريو منظور احمد راهمون ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس ۾ پوائنٽ بسن جي کوٽ آھي پيئن جي صاف پاڻي جي فراهمي سميت ڪئمپس بلڊنگ جي زبون حالي سان گڏ نان ٽيچنگ اسٽاف طرفان پڙھائڻ ۽ اليڪٽرڪ ليب جي ضرورت آهي موجوده پرو وائيس چانسلر ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن غيرقانوني طور ڀرتي ٿيل ليڪچرار شاگردن کي تنگ ڪندو رهي ٿو سيڪورٽي جي نالي تي اھڙا ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا آهن آھن جو ڪنهن به وقت اڻوندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي ھنن چيو ته يونيورسٽي ڪئپمس ۾ ڪيترن ئي سبجيڪٽن جا ليڪچرار ناهن ليب اٽينڊ ۽ آپريٽر ڪلاس وٺن ٿا شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي پي وي سي جي نااهلي سبب ڪئمپس ۾ جهيڙا روز جو معمول بڻيل آهن سماجي اداري هينڊز جي ڏنل کنڀين جي پروجيڪٽ ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي پروجيڪٽ جو سامان گم ڪيو ويو

 

 

پي وي سي يونيورسٽي ڪئمپس جو ٽرانسفارمر وڪرو ڪري پئسا هڙپ ڪيا يونيورسٽي انتظاميه قانون ۽ رولز جي ڀڃڪڙي ڪري مقامي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ بجاءِ ٻين ضلعن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن جيڪو مقامي ماڻهن سان زيادتي ۽ ناانصافي آهي يونيورسٽي ڪئمپس ۾ بلڊنگ جا چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آهي ايڇ اي سي کان 75 ڪروڙ وٺي هڙپ ڪيا ويا آهن، ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي اعلي سطح جي جاچ ڪرائي وڃي فوري طور يونيورسٽي ڪئمپس ۾ شاگردن کي گهربل سهولتون  ڏ نيون وڃن،  ھنن مسئلن جي حل لاءِ جلد ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.