ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي وٽ ڪل آباد ٿيندڙ 617 ايڪڙ زمين موجود آھي، جنھن ۾ 100 ايڪڙ لطيف فارم، 130 ايڪڙ ملير فارم ۽ 35 ايڪڙ ھارٽيڪلچر ۾ باغ آھن، جنھن ۾ ملير فارم کي ماڊل فارم جو درجو مليل آھي، جنھن کي ايڪسپورٽ معيار جا انب پيدا ڪندڙ باغ جو ايڪسپورٽ سرٽيفڪيٽ به مليل آھي، يونيورسٽي ۾ ڪيلو، پام آئل، ووئنڻ، سرنھن، سورج مکي، ڪڻڪ،  مڪئي وغيرھ پوکيا وڃن ٿا، جن مان اڪثر ٻج جي مد ۾ به ھوندا، جڏھن ته انھن ۾ شاگردن جا ٽرائيل ۽ تحقيقي فيلڊ آھي.